آمريڪا سان سٺا لاڳاپا ناهن، ڪنهن به صورت قومي مفادن تي سمجهوتو نه ٿيندو: پاڪستان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير خواجه آصف چيو آهي ته پاڪستان ڪنهن به صورت قومي مفادن تي سوديبازي نه ڪندو اربع تي پارليمينٽ هائوس اسلام آباد ۾ سينيٽ جي پرڏيهي معاملن بابت قائمه ڪميٽي کي بريفنگ دوران خواجه آصف ٻڌايو ته آمريڪا سان لاڳاپا اڃا بهتر ناهن ٻنهي ملڪن وچ ۾ مسئلا موجود اهن اڃا تائين آمريڪي پوزيشن ۽ اسان جي ردعمل ۾ ڪابه تبديلي ناهي آئي اسان آمريڪا سان لاڳاپن ۾ توازن چاهيون ٿا اسان آمريڪي سياسي ۽ فوجي قيادت کي ٻڌائي ڇڏيو ته اسان کي ڪابه امداد نه گهرجي پاڪستان ڪنهن به صورت قومي مفادن تي سوديبازي نه ڪندو آمريڪا پنهنجي ناڪامي جو الزام پاڪستان تي نه وجهي دهشتگردي بابت فتوايٰ جي حوالي سان پرڏيهجي وزير چيو ته رياست جهاد يا جهادي تنظيمن کي قومي دارا ۾ نه پئي آڻي آپگهاتي حملو هتي ٿئي يا چنڊ تي حرام آهي ته حرام آهي جيڪا به جهادي تنظيم پاڪستان مان ڪٿي به ڪم ڪري فتويٰ جي تحت غلط آهي فتويٰ جامعه طور تي رياست جي ذميواري کي ٻڌائي ڇڏي ٿو پرڏيهي وزير چيو ته افغان طالبان جو پاڪستان اچڻ جي ڪابه خبر نه آهي چين سي پيڪ کي افغانستان تائين وڌائڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو آهي ۽ پاڪستان به چين جي ان رٿابندي جو حامي آهي ۽ هي معاملو پاڪستان افغانستان چين ٽه ڌري اجلاس ۾ به آڏو آيو هن چيو ته روزانو 60 کان 70 هزار ماڻهو پاڪ افغان سرحد پار ڪن ٿا اسان افغان مهاجرن کي ڊگهو عرصو پناهه ڏني پر هاڻي ممڪن نه آهي اسان کي افغان مهاجرن جي واپسي ۽ بهتر سرحدي انتظام جي ضمانت گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *