قوم هاڻي ڏوهارين جي ٽولي هٿان مهانگائي جو وڏو طوفان ڀوڳيندي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي سان گڏ قوم امپورٽيڊ سرڪار جي بيروني آقائن جي غلامي جي قيمت ادا ڪرڻ شروع ڪري ڏني آهي ٽيوٽر تي بيان جاري ڪندي اڳوڻي وزير عمران خان چيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل اگهن ۾ 20 يا 30 رپيا في ليٽر واڌ اسان جي تاريخ جو سڀ کان وڏو هڪ ئي وقت اضافو آهي هن چيو ته نااهل ۽ بي حس حڪومت 30 سيڪڙو سستي تيل جي خريداري لاءِ روس کان اسان جو سوڌو حاصل نه ڪيو عمران خان جو چوڻهو ته ان جي برعڪس آمريڪا جي اسٽريٽجڪ ڀا.ئيوار ڀارت روس کان سستو تيل خريد ڪري ٻارڻ جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي هن چيو ته اسان جي قوم هاڻي هنن ڏوهارين جي ٽولي هٿان مهانگائي جو هڪ وڏو طوفان ڀوڳيندي رهندي.   پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان اسٽيبلميٽ يا ڪنهن ٻئي سان ڊيل جي خبرن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويهي رهان ها ته رتوڇاڻ ٿئي ها حڪومت کي 6 ڏينهن ڏنا ويا آهن جيڪڏهن اليڪشن جو اعلان نه ٿيو ته هاڻي تياري ڪري نڪرنداسين حڪومت جيڪو ڪجهه ڪيو ان سان سڄي قوم کي پتو پوڻ گهرجي ته ڪير هن قوم جي حقيقي آزادي لاءِ بيٺو آهي ۽ ڪير قومي ادارن کي پاڻ ۾ وڙهائڻ گهري ٿو ڇا احتجاج ڪرڻ اسان جو جمهوري حق نه آهي چيف جسٽس کي خط لکيو آهي ته جمهوريت ۾ احتجاج جو حق آهي يا نه؟ جيڪڏهن احتجاج جو حق به نه ڏنو ويندو ته پوءِ ڪهڙو آپشن بچي ٿو. 6 ڏينهن ۾ اسان کي پتو پئجي ويندو ته سپريم ڪورٽ اسان جي حقن جو تحفظ ڪري ٿي يا نه، اسان کي عدالت مان پروٽيڪشن گهرجي جيڪو اسان جو حق آهي، آئي ايم ايف جي دٻاءُ ۾ اچي هنن ماڻهن 30 رپيا في ليٽر پيٽرول مهانگو ڪري ڇڏيو ٻاهريون حڪومتون چاهين ئي نٿيون ته پاڪستان پنهنجي پيرن تي بيهي ان سان عوام جي دل کڄي ويندي ۽ عوام ۾ بغاوت پيدا ٿيندي غلامي جي قيمت قوم ادا ڪري رهي آهي منهنجي جنگ امپورٽيڊ حڪومت جي خلاف آهي مان ڪڏهن به غلامي کي قبول نه ڪندس. حڪومت، عدليه ۽ اسٽيبلشمينٽ وٽ 6 ڏينهن جو وقت آهي هن ڀيري ڏوهارين جي حڪومت اسان سان ڪيو اسان ان کان بچڻ جي پوري تياري ڪنداسين ڳالهين جا دروازا سڀني لاءِ کليل آهن اسان هتي ڪنهن سان جهيڙي لاءِ ناهيون آيا اسان جو مقصد جون تائين اليڪشن آهي، ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ سپريم ڪورٽ وينداسين ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون وڌڻ سان ملڪ جو نقصان ٿيندو هتي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته اهو چيو پئي ويو ته اسان انتشار ڪرڻ لاءِ وڃي رهيا آهيون ڇا ڪو پنهنجي ٻارڙن ۽ عورتن کي وٺي انتشار ڪرڻ ويندو آهي هن چيو ته جيڪڏهن مون کي پنهنجي قوم جو خيال نه هجي ها ۽ مان اتي ويهي رهان ها ته گهڻي رتوڇاڻ ٿئي ها نفرتون وڌن ها جڏهن ته پوليس به اسان جي آهي تنهنڪري اسان پنهنجي ملڪ جي ڀلي لاءِ فيصلو ڪيو اڳوڻي وزيراعطم چيو ته ڪو نه سمجهي ته منهنجي اسٽِبلشمينت سان ڪائي ڊيل ٿي آهي حڪومت کي 6 ڏينهن ڏئي رهيو آهيان جيڪڏهن چونڊن جو اعلان نه ٿيو پوءِ وڏي تياري سان وينداسين ڇو ته هن ڀيري اسان جي تياري نه هئي عمران خان چيو ته اسان سڄو وقت ڳالهين جا دروازا کولي ڇڏيا اسان ويڙهه نٿا ڪرڻ چاهيون مقصد اليڪشن آهن سڀ کان بهتر طريقو اهو آهي ته ڳالهيون ڪري مقصد حاصل ڪريون جيڪڏهن ڳالهين سان نه پهچنداسين ته احتجاج ڪري مقصد ماڻينداسين پوري قوم انهن کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار نه آهي خيبرپختونخواه جي وڏي وزير جي آزادي مارچ ۾ شرڪت بابت سوال تي هن چيو ته محمود خان جو حق هو هو پنجاب ۾ ڪنهن مظاهري ۾ شريڪ ٿئي محمود خان وڏي وزير سميت پاڪستان جو شهري آهي هر پاڪستاني جو فرض آهي ته حقيقي آزادي ۾ شرڪت ڪري هن چيو ته ڳالهيون ڪنداسين پر ان لاءِ جون جي مهيني ۾ چونڊن جو اعلان ڪرڻو پوندو هن چيو ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستانين کي ووٽ جو حق ڏيارڻ لاءِ اسان سپريم ڪورٽ به وينداسين هي پاڪستانين جي بنيادي حقن جي ڀڃڪڙي آهي هي ايئن آهي ته عورتن کي ووٽ وجهڻ تي پابندي هڻي ڇڏيو هن چيو ته اسان سموري اپوزيشن کي هڪ سال اڳ اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين ۽ ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ووٽ لاءِ دعوت ڏني سڀ ڪجهه رڪارڊ جو حصو آهي هن چيو ته جيتري به ڌانڌلي پولنگ ختم ۽ رزلٽ جواعلان جي وچ ۾ ٿيندي هئي اي وي ايم مشين سڀ مسئلو ختم ڪري ڇڏي ٿي صرف جعلي ووٽ وارا ماڻهو ان جي مخالفت ڪري رهيا آهن ڀارت ۾ اي وي ايم تي اليڪشن ٿئي ٿي ته پاڪستان ۾ ڇو نٿي ٿي سگهي هن چيو ته مردان ۾ سڀ کان پهريان شهيد ڪارڪن جي گهر ويس ٻيو ڪارڪن فيصل عباس لاهور ۾ شهيد ٿيو آهي ان جي گهر پاڪستان تحريڪ انصاف جا ٻيا اڳواڻ ويا آهن انهن ٻنهي لاءِ هڪ هڪ ڪروڙ رپيا پارٽي طرفان گڏ ڪنداسين هن چيو ته هي اهي ماڻهو آهن جيڪي حقيقي آزادي جي جذبي سان نڪتا هئا هن چيو ته پرامن احتجاج ۾ جيڪو اسان سان ٿيو ۽ پرامن احتجاج ان لاءِ هو ته پهريان سازش جڙي ٿي ان ۾ هر قسم جو ايڪٽر شامل ٿي 22 ڪروڙ ماڻهن جي چونديل حڪومت کي ڪيرائي ٿو. اڳوڻي وزيراعطم چيو ته ملڪ جي سڀ کان وڏي توهين اها آهي ته 30 سالن کان جيڪي ماڻهو هن ملڪ کي پئسا چوري ڪري ۽ پئسا ٻاهر موڪلي کائي رهيا هئا هر قسم جا ڏوهه ڪري رهيا هئا انهن ماڻهن کي ملڪ تي مڙهيو ويو هن چيو ته پهريان اوهان سازش ڪريو ٿا ان کانپ وءِ چورن کي ويهاري ڇڏيو ٿا اولهندي ملڪن ۾ ڪو سوچي به نٿو سگهي ته ضمانت تي انسان کي ڪو عهدو ڏنو وڃي جڏهن ته هتي ان کي وزيراعظم ۽ وڏو وزير بڻايو وڃي ٿو. جيڪڏهن انهن جي خلاف ڪا قوم پرامن احتجاج نٿي ڪري سگهي ته پوءِ ان کي قوم کي زنده نه رهڻ گهرجي. عمران خان چيو ته دنيا جي هر جمهوريت ۾ اوهان کي پرامن احتجاج جو حق هوندو آهي احتجاج جو حق به نه ڏنو وڃي رات جو گهرن تي حملا ڪيا ويا پنجاب پوليس عورتن ۽ ٻارڙن کي به نه ڏٺو جهڙي طرح اهي گهرن ۾ گهڙيا اسان عدالت وياسين ۽ ان کان پوءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو آيو ته پوليس کي ايئن نه ڪرڻ گهرجي ها ۽ رنڊڪون هٽائي ڇڏي. عمران خان چيو ته هن فيصلي کان پوءِ اسان سمجهيو ته رڪاوٽون هٽايون وينديون ۽ پوليس جي ڪارروائي نه ٿيندي. ان کان پوءِ جيڪو ٿيو اسان ان جي توقع نه ڪري رهيا آهيون هن چيو ته فيصل آباد کي ته پوليس پاران هيٺ اڇلايو ويو اهڙي طرح جيڪو ڪجهه ڀينرن ڌيئرن ۽وڪيلن سان ڪيو ويو لاهور ۾ پوليس بس ۾ جيڪي وڪيل وڃي رهيا هئا انهن کي جهيڙي نموني ڪڍي ماريو پوري قوم سامهون هي ظلم ٿيو هن چيو ته اهڙي طرح پنجاب پوليس کي استعمال ڪيو ويو پنجاب پوليس ۾ ڪافي سٺا سٺا آفيسر موجود آهن پر موجوده حڪومت چونڊي چونڊي اهڙن آفيسرن کي مقرر ڪيو پوءِ انهن کان ظلم ڪرايو. اسلام آباد جي آئي جي کي سيف سٽي پروجيڪٽ ۾ سزا ٿيڻ واري هئي ان کي شهبازشريف واپس وٺي آيو آهي اڳوڻي وزيرعظم چيو ته عمر ايوب پوليس سان ڳالهائڻ ويو هو پوليس کيس بي رحمي سان ماريو آهي مان هن وقت تائين ايئن سوچي رهيو آهيان ته ڪهڙي پوليس پنهنجي عوام شهرين ٻارڙن عورتن ڌيئرن کي ايئن ملڪ دشمن سمجهي ماري ٿي هن چيو ته اسان کي پڄڻ ۾ 20 ڪلاڪ لڳا جهڙي طرح عوام نڪتو آهي سڄي رات عوام رستن تي بيٺو رهيو ماڻهن کي ٻارڙا کنيل هئا تنهنڪري اها پروپيگنڊا آهي ته اسان انتشار ڦهلائڻ وڃي رهيا هئاسين مان سوال ڪريانٿو ته ڇا ڪوئي پنهنجي ڀيڻ ٻارڙن ٻارڙين کي انتشار ڦهلائڻ لاءِ کڻي ايندو آهي ڇا ماڻهن پنهنجي اکين سان نه ڏٺو ته ڪيئن ماڻهو نڪري رهيا آهن پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته جڏهن ڊي چوڪ تي لاڳيتو شيلنگ ڪئي وئي سوشل ميڊيا تي فوٽيجز موجود آهن ته ڪهڙا دهشتگرد هئا جن تي شيلنگ ڪئي وئي هن چيو ته اهڙي طرح لاهور جي لبرٽي چوڪ تي ڳوڙها آڻيندڙ گئس جوا ستعمال ڪيو ويو جيڪو تشدد ڪراچي ۾ ڪيو ويو، ڪهڙي ملڪ جي پوليس کان اهڙي قسم جا ڪم ڪرايا وڃن ٿا عمران خان چيو ته رانا ثناءُالله، شهبازشريف، حمزه شهباز، يزيد کي مڃڻ وارا ماڻهو آهن جيڪڏهن هن ملڪ جو انصاف جو نظام انهن کي سزائون ڏي جڏهن انهن سڀني جي سامهون ٽي وي جي سامهون ماڻهن کي گوليون هنيون ان وقت 60 ماڻهن کي گوليون لڳيون هيون جنهن ۾ 14 ماڻهو مارجي ويا هئا جيڪڏهن تڏهن سزا ملي وڃي ها ته شايد هاڻي اهڙو ظلم نه ڪن ٿا جيڪو سڄي قوم ڏٺو هن چيو ته اسان جا ماڻهو مايوس ٿيا ۽ پڇا ڪئي ته ڇو ڊي چوڪ تي وڃي ويهي رهيا مان يقين ڏياريان ٿو ته 126 ڏينهن ڌرڻي ۾ ويٺس منهنجي لاءِ ڏکيو نه هو جيستائين هي حڪومت گوڏا کوڙي ڇڏي ها مان اتي ويٺو هجان ها جيستائين مان اتي پهتس ته مون کي پتو پئجي ويو ته حالتون ڪيڏانهن وڃي رهيون آهن اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قوم غور سان ٻڌي جيڪڏهن مون کي ملڪ جي قوم جي ڳڻتي نه هجي ها ۽ منهنجا به ٻاهر پئسا ۽ ملڪيتون هجن ها منهنجن پٽن وٽ به وڏيون پراپرٽيز هجن ها ته شايد مون کي به پنهنجي ملڪ جي ڳڻتي نه هجي ها ان رات جو رتوڇاڻ ٿئي ها. اسان جا ماڻهو تيار ٿي ويا هئا ڇو ته انهن پوليس پاران دهشتگردي ڏٺي اسان جا ماڻهو وڏي ڪاوڙ ۾ هئا جن هي تماشو ڏٺو هن چيو ته جن عمر ايوب جو حال ڏٺو آهي ۽ ماڻهو جهڙي طرح مار لائي اتي پهتا هئا ۽ جيڪڏهن ان ڏينهن مان اتي ويهي رهان ها ته گارنٽي ڏيان ٿو ته رتوڇاڻ ٿئي ها پوليس جي خلاف نفرتون وڌي چڪيون هيون اهي اڃا وڌي وڃن ها پوليس به پنهنجي آهي عام پوليس جو ڏوهه نه آهي عمران خان چيو ته انهن ڏوهاري ۽ گلوبٽ ويهاري ڇڏيا هئا جيڪڏهن اتي رتوڇاڻ ٿئي ها ته ملڪ ۾ انتشار وڌي ها. ملڪ جون معاشي حالتون اوهان جي سامهون آهن هي منهنجي ملڪ جو نقصان هو ڪو اهو نه سمجهي ته هي اسان جي ڪمزوري هئي ۽ نه ئي ڪائي ڊيل ٿي آهي مان ڳالهيون ٻڌي رهيو آهيان ته اسٽيبلشمينٽ سان ڊيل ٿي آهي منهنجي ڪنهن سان ڪائي ڊيل ناهي ٿي. هن چيو ته ادارن ۽ عوام وچ ۾ وڇوٽيون وڌنديون اسان جي ملڪ جو نقصان آهي ۽ دشمنن جو فائدو آهي هي صرف هڪ شئي هئي جنهن مون کي اتي ويهڻ کان روڪيو اڳوني وزيراعظم چيو ته مان اهو واضح ڪري ڇڏيا ته جيڪڏهن ڪنهن کي خوش فهمي آهي ته اسان هاڻي انهن سان آرام سان ڳالهيون ڪنداسين يا هن امپورٽيڊ حڪومت کي تسليم ڪري وٺنداسين ڪو غلط فهمي ۾ نه رهي مان ان کي جهاد سمجهان ٿو جيستائين جيئرو آهيان انهن سان مقابلو ڪندو رهندس. مون کي ذاتي طور تي ڪنهن شئي جي ڳڻتي نه آهي نه ئي پرواهه آهي مون کي صرف پنهنجي ملڪ جي ڳڻتي اهي تنهنڪري اهو ٻڌائي ڇڏيا ته 6 ڏينهن ڏئي رهيا آهيون انهن 6 ڏينهن اندر جيڪڏهن اسيمبليون ٽوڙي چونڊن جي تاريخ جو اعلان نه ڪيو ويو ته پوءِ مان ٻيهر نڪرندس ۽ اسان پوءِ مڪمل تياري سان نڪرنداسين.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *