عمران خان ڀلي ٻيهر مارچ ڪري ڏسي، خبر پئجي ويندس: ناصر شاهھ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مڪاني ادارن واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته عمران خان پنهنجي هوڏ سان پرتشدد مارچ کي پرامن ٻڌائي رهيو آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف چيئرمين جي بيان تي رد عمل ۾ سيد ناصر شاهه چيو ته حيرت آهي ته عمران خان ڪهڙي هوڏ سان پرتشدد ۽ باهين واري مارچ کي پرامن ٻڌائي رهيو آهي. هن چيو ته ڀلي عمران خان 6 ڏينهن کانپوءِ هڪ ٻيو ناڪام مارچ ڪري ڏسي پنهنجي مقبوليت جي کيس خبر پئجي ويندي. صوبائي وزير وڌيڪ چيو ته عمران ڪهڙي هوڏ سان ٻڌائي رهيو آهي ته پنهنجو مارچ ادارن ۾ نفرتون وڌائڻ جي ڊپ کان ختم ڪيو. سندس چون هو ته عمران خان پيٽرول جي قيمت وڌائڻ تي تنقيد ۽ عالمي مالياتي اداري کي نشانو بڻائي رهيو آهي. ناصر حسين شاهه پڇيو ته آءِ ايم ايف ايترو ئي خراب آهي ته عمران خان وٽس ڇو ويو ۽ سخت شرط ڇو مڃيا؟ صوبائي وزير چيو ته عمران خان ئي آهي جنهن ادارن خلاف ڳالهايو ۽ نفرتن جو ٻج پوکيو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *