قومي مسئلي تي پاڪستاني ٿي سوچڻ گهرجي: چوڌري نثار

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو آهي ته  قومي مسئلي تي حڪومت کي مخالف ڌر کي ورهائڻ کان هٽي ڪري پاڪستاني طور سوچڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار علي چيو ته منهنجي بيان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو ويو، حڪومت کي ڇڏي مخالف ڌر جو ساٿ ڏنو، ڪجهه معاملن تي پارٽي کي ڇڏي قومي سوچ اختيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته لعنت جهڙا لفظ هتي استعمال ٿين ٿا ڇا انهن جي مشهوري ضروري آهي، يا سنجيده معاملن تي ڳالهائڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته ڇا رڳو حڪومت ۽ مخالف ڌر جي نظر سان هر معاملي کي ماپيو ويندو، هر شيءَ ۾ ناڪاري رخ کي نه ڏسڻ گهرجي. چوڌري نثار علي چيو ته شيري مزاري سٺي ڳالهه ڪئي، حمايت ڪري ڪو گناهه نه ڪيو آهي، منهنجو ڪنهن سان ذاتي جهيڙو ناهي، هميشه سٺين ڳالهين سان اتفاق ڪيو. هن چيو ته  ويزا آن آرائيول حڪومت جو مسئلو آهي، معاملي تي بحث ٿيڻ گهرجي، مون کي 6 مهينا لڳا ويا ويزا آن آرائيول ختم ڪرڻ  لاءِ. سندس چوڻ هو ته آءِ اين جي اوز جي جان ڪيري سميت اهم طاقت حمايت ڪئي، مان چيو هو ته اهي طاقتون ڇو آئي اين جي اوز جي حمايت ڪن ٿيون، سندن امداد جو گهڻي قدر حصو انهن تنظيمن کي ويندو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *