پاڪ فوج هر جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر ممنون حسين چيو آهي ته پاڪستان جو بچاءُ مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ هٿياربند فوج ڪنهن به جارحيت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تيار آهي. صدر ممنون حسين سان جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي چيئرمين جنرل زبير محمود حيات ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن صدر کي ملڪ جي بچاءَ ۽ سيڪيورٽي معاملن بابت آگاهي ڏني. جنرل زبير محمود حيات صدر کي ٻڌايو ته هٿياربند فوج ملڪ جي بچاءَ لاءِ چوڪس آهي ۽ پنهنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ ڄاڻي ٿي. ان موقعي تي صدر ممنون حسين هٿياربند فوج جي آپريشنل تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *