قومي اسيمبلي ۾ فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ٿيڻ تي مخالف ميمبرن جو واڪ آئوٽ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي اجلاس جي ايجنڊي ۾ شامل ٿيڻ باوجود فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ڪرڻ تي مخالف ميمبرن واڪ آئوٽ ڪندي ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي جي صدارت هيٺ ٿيل قومي اسيمبلي اجلاس ۾ فاٽا سڌارن وارو بل پيش نه ڪرڻ تي پ پ، تحريڪ انصاف ۽ فاٽا ميمبر سخت احتجاج ڪندي پنهنجي سيٽن تي بيهي رهيا، جڏهن ته فاٽا ميمبرن قومي اسيمبلي ايجنڊي جون ڪاپيون ڦاڙي ڇڏيون. فاٽا مان مسلم ليگ ن جي ميمبر شهاب الدين به اسيمبلي ايجنڊي ۾ تبديلي تي احتجاج ڪيو ۽ ايجنڊي جي ڪاپي ڦاڙي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير شيخ آفتاب بل پيش نه ڪرڻ تي وضاحت ڏيندي چيو ته بل تي وڌيڪ صلاح ڪرڻي آهي، ان ڪري اهو پيش نه ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته ايجنڊي مان فاٽا سڌارن وارو معاملو وقفي طور پوئتي ڪيو ويو، معاملو ٻيهر ايجنڊي ۾ شامل ڪيو ويندو. مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کان وٺي اهو معاملو هلي رهيو آهي، سمجهه ۾ نٿو اچي معاملو ايجنڊي ۾ شامل ڪري ڪڍيو ڇو ويو؟. ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر مداخلت ڪري ايوان جو ماحول ٺيڪ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ چيو ته وضاحت پيش ڪئي وئي آهي، ٻن ٽن ڏينهن اندر بل ايوان ۾ اچي ويندو. مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته ٽيڪنيڪي بنيادن تي بل ايجنڊي ۾ شامل نٿو ڪري سگهجي.  تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ رات اڳ سڄي پارليامينٽ کي ايجنڊا موڪلي وئي، جنهن ۾ فاٽا سڌارن وارو بل موجود هو پر اڄ ڏنل ايجنڊي مان فاٽا بابت بل ڪڍيو ويو. تحريڪ انصاف جي امجد علي خان ڪورم جي نشاندهي ڪئي ته ڳڻپ دوران ڪورم پورو نه نڪتو، جنهن سبب اجلاس سڀاڻي صبح ساڍي ڏهين وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو. وفاقي وزير قادر بلوچ مخالف ميمبرن کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن سڀ حڪومتي ترجيحون رد ڪندي ايوان مان واڪ آئوٽ ڪيو.27

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *