سياسي پارٽين سان رابطا پاڻ ڪرڻ جو فيصلو، حڪومت خلاف فائنل رائونڊ، زرداري نئين حڪمت عملي جوڙي ورتي

مٺي  (اين اين آءِ)قومي اسيمبلي جي مخالف اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته اسيمبلين کي پنهنجو آئيني مدو پورو ڪرڻ گھرجي، نوازشريف پاليمينٽ کي اهميت نه ڏني هاڻي نوازشريف کي به پارليمينٽ نه بچائيندي، آمريڪي صدر جون پاليسيون دنيا جي صورتحال کي خراب ڪري رهيون آهن گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي سنڌ ۾ پ پ جي خلاف ٿيندڙ اتحاد  کي هميشا وانگر هن دفعي به شڪست ٿيندي خورشيد شاهه سان ٿر جو دورو ڪندڙ اسلام آباد جي صحافين جي وفد ملاقات ڪ ئي ۽ مٺي شهر ۽ ٿر جي سونهن جي واکاڻ ڪئي، خورشيد شاه صحافين کي ٻڌايو ته مٺي منهنجو گھر آهي مان مٺـي ان وقت ڏٺو هو جنهن وقت ان جي آبادي صرف 10 هزار تي ٻڌل هئي ۽ شهر ۾ صرف ڪڇي هوٽل هوندو هو سکر  کانپوءِ مٺي منهنجو ٻيو گھر آهي. اسان جي دوست جگديش ملاڻي اسان جگو جي نالي سان سڏيندا هئا سي، هن شهر جي صحافين کان  تعريف ٻڌي مونکي ڏاڍي خوشي ٿي ۽ مان به سوچيو ته هي شهر مان به ڏسان ۽ پنهنجو پراڻيون يادون تازيون ڪريان، مٺي شهر هاڻي جگديش وارو شهر ناهي هاڻي هي سنڌ جو هڪ ماڊل شهر بڻجي چڪو آهي خورشيد شاهه مٺي شهر جي تفريح هنڌ گھڏي ڀٽ جو دورو ڪيو، مٿانهين واري هنڌ کان شهر جو نظارو ڏسي خورشيد شاهه شهر جي تعريف ڪئي ۽ چيو ته هي نظارو ائين  آهي جيئن دامن ڪوهه مان اسلام آباد جو نظارو هجي هن پوائنٽ تي وڌيڪ ڪم جي ضرورت آهي، هن شهر  جا اندريان رستا سڀ خوبصورت آهن، مٺي هڪ پڪنڪ پوائنٽ بڻجي چڪو آهي هن هنڌ کي مڪمل طور تي سياحتي هنڌ بڻائڻ جي ضرورت آهي ثقافتي کي گھرجي ته اهو هن هنڌ کي سياحتي هنڌ بڻائي ته جيئن آس پاس جي   علائقن  کانسواءِ ٻين صوبن جا ماڻهون به هتي پڪنڪ ملهائڻ اچن ان موقعي تي هن چيو ته مان جلدي ٻيهر ٿر جو دورو ڪندس، اسلام ڪوٽ کان ننگر پارڪر ۽ ٿرڪول جو دورو پڻ ڪندس، ان موقعي تي ان سانگڏ مٺي جوچونڊيل ايم پي اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ششيل ملاڻي ، درشن ملاڻي ۽ ڇندرشرما موجود هئا، خورشيد شاه ملاڻي هائوس  مٺي ۾ صحافين سان ڳالهائندي وفد کي چيو ته منهنجي خواهش آهي ته ايندڙ عام چونڊن آئين مطابق وقت تي ٿين، هن چيو ته بلاول ڀٽو ٽيهه نومبر تي چيو آهي ته اسان جمهوريت ۽ پارليمينٽ لاءِ قربانيون ڏنيون آهن تنهن  ڪري اسان چاهيون ٿا ته اسيمبليون پنهنجو مدو پورو ڪن، سوالن جي جواب ڏيندي هن چيو ته آصف زرداري تازو ئي اسلام آباد  جي جلسي ۾ چيو ته اسان حڪومت کي گھر موڪلڻ لاءِ اسميبلي تان استعيفيٰ به ڏئي سگھون ٿا، پارٽي قيادت ۾ تظاد بابت هن چيو  ته آصف زرداري جي ڳالهه  ۾ ان لاءِ وزن آهي ته هن ملڪ جو حالتون خراب  ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي آهي خورشيد شاهه چيو ته پ پ جو چٽو موقف آهي ته پارليمينٽ مضبوط  ۽ مستحڪم هجي نوازشريف  ڪڏهن به پارليمينٽ کي اهيمت ناهي ڏني، هن چيو ته ادارا ملڪ جي عوام جو جآواز آهن ۽ انهن جي ڀلائي لاءَ ڪم ڪن ٿا انهن  کي مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي هن چيو ته اسان   چيو هيو ته پاناما سميت سمورا ملڪي مسئلا پارليمينٽ ۾ حل ڪريون اجلاس به سڏايا ويا ٽي او آر بڻايا ويا اٺ ميٽنگون ڪيون پر نوازشريف ائين نه ٿيڻ ڏنو. شايد هو سمجھي رهيو هو ته عدالتن ۾ ويهه کان ٽيهه سال ڪيس هلندا هن سمجھو هن دفعي به ائين ٿيندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نوازشريف ۽ آصف زرداري جي پاڻ ۾ حڪومت بچائڻ لاءِ دوستي جو عمران خان جي دعوا غير ضروري آهي عمران خان جي سياست بچائي اها ئي  ان لاءِ وڏي ڳالهه آهي، خورشيد شاهه چيو ته  نوازشريف پنهنجا پاڻ رستا بند ڪيا آهن  هن آصف زرداري کي دعوت ڏني پر هن انڪار ڪري ڇڏيو، ان موقعي تي ان سان گڏ سيد ناصر شاهه، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ايم اين اي فقير  شير محمد بلالاڻي ، ضلعي چيرمين ڊاڪٽر  غلام حيدر سميجو ۽  چندر شرما به ان سان گڏ هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *