قومي اسيمبلي ۾ بلدياتي چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ وارو بل منظور، پ پ جي مخالفت

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اپوزيشن ليڊر سيد خورشيد شاهه چيو ته غير جماعتي بنيادن تي بلدياتي چونڊون ڪرائڻ جي بنياد ڊڪٽيٽر رکي ۽ ان سان ڪرپشن جو بنياد پيو نريسري ۾ ڪرپشن جو ٻوٽو لڳائيندو ته اهو وڻ بڻجي ويندو، خورشيد شاهه چيو ته آمريت جي دور ۾ ڪائونسلر کي پئسا ڏئي ووٽ وجهرايا ويا، مسلم ليگ ن کي پنهنجي مٿان اعتماد ناهي، سياسي پارٽين جا ماڻهو ايندا ته هارس ٽريڊنگ نه ٿيندي، پنجاب جون بلدياتي چونڊون به جماعتي بنيادن تي ٿيڻ گهرجن،  حڪومت ڪرپٽ نظام طرف نه وڃي جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ سان جمهوريت  مستحڪم ٿيندي پارلياميني معاملن بابت مملڪتي وزير شيخ آفتاب چيو ته جيڪڏهن جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻيون آهن ته نوان ماڻهو نه ايندا پيپلز پارٽي کي غير جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جي حمايت ڪرڻ گهرجي، شيخ آفتاب جماعتي بنيادن تي چونڊون ڪرائڻ جي پيپلز پارٽي جي ترميم جي مخالفت ڪئي، هن چيو ته بلدياتي چونڊون جمهوريت جي نرسري آهن بلدياتي چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ گهرجن شيخ آفتاب بلدياتي چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جو بل ايونا ۾ پيش ڪيو اپوزيشن ليڊر خورشيد شآهه بلدياتي چونڊون عير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جي مخالفت ڪئي جڏهن ته بل اڪثريت سان منظور ڪيو ويو، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم عمران خان جي ڪالهه واري تقرير خلاف قومي اسميبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *