پ پ ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ غير جماعتي بنيادن تي مڪاني چونڊن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو) پيپلزپارٽي ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ غير جماعتي بنيادن تي مڪاني چونڊن کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو، درخواست پيپلزپارٽي جي جنرل سيڪريٽري ۽ اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف پاران سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪئي ويئي راجا پرويز اشرف پاران داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي نٿيون  ٿي سگهن هن چيو ته مڪاني چونڊن ۾ سمورين پارٽين جو حصو وٺڻ ضروري آهي ان لاءِ غير جماعتي بنيادن تي چونڊون نه ٿيڻ گهرجن راجا پرويز اشرف مطابق جمهوريت جو مطلب اهو ئي اهي ته سياسي پارٽيون جمهوري عمل ۾ شامل ٿين سياسي پارٽيون وفاق صوبي ۽ مقامي سطح تي ٿيندڙ ڇونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اهل آهن اڳوڻي وزيراعظم پاران درخواست ۾ در وفاق کي بڻايو ويو هن عدالت کي درخواست ڪئي ته اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو وڃي ته ڪنٽومينٽ بورڊز ۾ جماعتي بنيادن تي مڪاني چونڊون ڪرايون وڃن غير جماعتي بينادن کان روڪيو وڃي درخواست جي پيروي به پيپلزپارٽي جي اڳاوڻ ۽ سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جو اڳوڻو صدر اعتزازاحسن ڪندو واضح رهي ته سڄي ملڪ ۾ 43 ڪنٽومينٽ بورڊز آهن جن ۾ 25 اپريل تي مڪاني نمائندن جي چونڊ ٿيندي هوڏانهن لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ڪنٽومينٽ بورڊ ۾ مڪاني چونڊون غير جماعتي بنيادن تي ڪرائڻ جي خلاف وڌيڪ درخواستون داخل ڪيون ويون آهن جن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته هاءِ ڪورٽ جو 2 رڪني بئنچ غير جماعتي بلدياتي چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيئي چڪو فيصلي کان پوءِ غير جماعتي بلدياتي چونڊن جو فيصلو غير آئيني آهي جسٽس سيد منصور علي شاهه ان ڪيس بابت سموريون درخواستون گڏ ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اٽارني جنرل ۽ ايڊووڪيٽ جنرل کي 26 مارچ تي طلب ڪري ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *