قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور ٺهراءَ منظور ڪري ورتا

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبليءَ ۽ سينيٽ ڪشميرين سان ايڪي جــَي اظهار طور ڌار ڌار ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتا. قومي اسيمبلي ۾ جي يو آءِ سربراهه ۽ ڪشمير ڪميٽي جي چيئرمين مولانا فضل الرحمان ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار طور ٺهراءُ پيش ڪيو جيڪو ايوان اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو. سينيٽ ۾ ڪشميرين سان ايڪي جي اظهار  طور ٺهراءُ نواز ليگ سينيٽر ايم حمزه پيش ڪيو جيڪو پڻ منظور ڪيو ويو. ٺهرائن ۾ چيو ويو ته ايوان ڪشمير جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪري ٿو ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي ڀرپور مذمت ڪري ٿو. ٺهرائن ۾ چيو ويو ته ڪشمير مسئلي جو حل گڏيل قومن جي نگراني ۾ ممڪن آهي، ايوان گڏيل قومن کان پنهنجي ٺهرائن ذريعي مسئلي جو حل چاهي ٿو. ٺهرائن موجب پاڪستان ڪشمير لاءِ پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي. ٺهرائن ۾ عالمي برادري کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪشمير وادي ۾ نوجوانن جي اغوا بعد قتل سميت ڀارتي ظلم جو نوٽيس ورتو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *