پاڪ فوج جي 28 بريگيڊيئرز جي ميجر جنرل جي عهدن تي ترقي، ترقي حاصل ڪندڙ ۾ 7 ڊاڪٽر به شامل

راولپنڊي(م.) آرمي چيف جنرل راحيل شريف 28 بريگيڊيئرز کي ميجر جنرل جي عهدن تي ترقي ڏئي ڇڏي جڏهن ته ترقي حاصل ڪندڙن ۾ آرمي ميڊيڪل ڪور جا 7 ڊاڪٽر به شامل آهن، پاڪ فوج جي ترجمان آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي صدارت هيٺ جي ايڇ ڪيو ۾ پروموشن بورڊ جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ پاڪ فوج جي 28 بريگيڊ يئرز کي ميجر جنرل جي عهدن تي ترقي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي ترقي حاصل ڪندڙن ۾ آرمي ميڊيڪل ڪور جا 7 ڊاڪٽر به شامل آهن جڏهن ته انفنٽري بريگيڊ سيالڪوٽ جي ڪمانڊنگ بريگيڊيئر ساحر شمشاد مرزا کي به ميجر جنرل جي عهدي تي ترقي ڏني وئي، آرمي چيف طرفان ميجر جنرل جي عهدن ي ترقي حاصل ڪندڙ ٻين بريگيڊيئرز ۾ نديم ذڪي، شاهين، مظهر، محمد عامر، شاهد پرويز، بريگيڊيئر نادر خان، منظور احمد، ارشد محمود، محمد عامر، حفيظ الرحمان، وسيم اشرف، محمد ڪليم، سردار طارق، طاهر مسعود، اظهر عباس، چراغ حيدر، انيس اڪبر، باسط رضا، محمد عدنان، نعمان مسعود، فيض حامد، زاهد حامد، نعيم نقي، ظفر اقبال شامل آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *