قومي اسيمبلي جو اجلاس، پ پ ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

اسلام آباد (بيورو) قومي اسميبلي جي اجلاس ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته متحده پاران عبدالستار بچاڻي جي بيان تي اجلاس ۾ احتجاج ڪري واڪ آئوٽ ڪيو. قومي اسميبلي جي اجلاس ۾ اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جي ميمبرن هڪٻئي تي الزام لڳايا. متحده جي ميمبر آصف حسنين چيو ته سنڌ ۾ امن امان جي تمام گهڻي حالت خراب آهي پر ڌاڙيلن جو احتجاج ڪرڻ سمجهه کان ٻاهر آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن کي به تحفظ حاصل ناهي، جڏهن ته ڀتو وٺڻ لاءِ پوليس ڌاڙيلن کي تنگ ڪري رهي آهي. هن چيو ته ٿر جي حالت خراب آهي جو ماڻهو بنا علاج جي مري رهيا آهن. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٽارگيٽيڊ آپريشن باوجود ٽارگيٽ ڪلنگ جاري آهي، جڏهن ته صوبائي حڪومت ڌيان نه پئي ڏئي. آصف حسنين چيو ته ٿر ۾ انساني حقن جو مسئلو وفاقي سرڪار ڌيان ڏئي. سندس چوڻ هو ته سنڌ ۾ اقليتن کي تحفط ناهي، روزانون هندو ناريون اغوا ٿي رهيون آهن. هن چيو ته آدمشماري سنڌ ۾ نه ٿي ڪرائي وڃي، جنهن ڪري اين ايف سي ۾ سنڌ کي ناڻو نه ٿو ملي. آصف حسنين چيو ته مڪاني چونڊون بابت سموريون سياسي پارٽيون خاموش آهن. هن چيو ته تيل جوقيمتون گهٽ ٿيڻ باوجود ڀاڙا گهٽ ناهن ٿيا، جڏهن ته بجلي جون قيمتون گهٽ ناهن ڪيون ويون. هن چيو ته وفاقي سرڪارڪي اليڪٽرڪ کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ، ڇاڪاڻ ته اها ڪمپني مخصوص ماڻهن وٽ يرغمال بڻيل آهي. پ پ ايم اين اي عبدالستار بچاڻي خطاب ڪندي چيو ته متحده پ پ جي گذريل سرڪار کي ڪرپٽ چون پيا پر پنهنجي گورنر کي ڇو ويهاريون ويٺا آهن. هن چيو ته ايم ڪيو ايم جو مزاج آمرن سان هلڻ جهڙو آهي، صبح جي هڪ ۽ شام جو ٻئي پارٽي سان گڏ هوندا آهن. عبدالستار بچاڻي چيو ته پ پ متحده کي گڏ هلائڻ چاهي ٿي پر اها اسٽبلشمينٽ سان هلڻ چاهي ٿي . عبدالستار بچاڻي جي بيان تي متحده ميمبر پاران احتجاج ڪري بائيڪاٽ ڪيو ويو. ايم اين اي راڻا افضل قومي اسميبلي ۾ خطاب ڪندي چيو ته آدمشماري فوج جي نگراني ۾ ڪرائي ويندي. هن چيو ته جلد وزيراعظم آدمشماري بابت سي سي آءِ جو اجلاس طلب ڪندو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *