نواز- مودي ملاقات، برف پگهرجڻ لڳي، باضابطا ڳالهين جي ذميواري ڀارت تي آهي : طارق فاطمي

کٽمنڊو (م.ڊ/اي پي پي) پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن ڪالهه خميس ڏينهن هتي گرمجوشي سان هٿ ملائي ڪيترن ئي هفتن کان جاري افواهن ۽ تڪرارن واري ماحول کي ختم ڪري ڇڏيو جنهن سان ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي 8 رڪني علائقائي تنظيم جي 18 هين سربراهه اجلاس جي پڄاڻي انتهائي خوشگوار ماحول ۾ ٿي. وزيراعظم محمد نواز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي سارڪ جي 18 هين سربراهه اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ جيئن ئي گرمجوشي سان هٿ ملايو ته ڪانفرنس هال تاڙين سان گونجي ويو ۽ ماحول ۾ خوشگوار تبديلي پيدا ٿي وئي. ٻنهي اڳواڻن هٿ ملايو ۽ گهٽ ۾ گهٽ 30 سيڪنڊ تائين هڪ ٻئي جو هٿ هٿ ۾ رکيو. هنن مسڪراهٽ سان خوشگوار انداز ۾ جملن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ان ملاقات کان اڳ ۾ مختلف قسم جا افواهه موجود هئا جڏهن ته سارڪ سربراهن جي ڍليخل جي پرفضا ماڳ تي غيررسمي ويهڪ دوران مختصر ملاقات کانپوءِ ٻنهي طرفن جي وچ ۾ برف پگهري وئي ۽ ان جو حقيقي مظاهرو ڪئميرائن آڏو سارڪ سربراهه اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ دوران ڏسڻ ۾ آيو جنهن کي سڄي خطي ۾ سڌوسنئون نشر ڪيو ويو، پاڪستان ۽ ڀارت جي وزيراعظمن جي پرجوش هٿ ملائڻ سان ئي کٽمنڊو جو سٽي هال تاڙين سان گونجي اٿيو، ٻئي طرف وزيراعظم جي خصوصي معاون طارق فاطمي هتي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اهو هٿ ملائڻ برجسته هو. هن چيو ته سارڪ مان تمام گهڻيون اميدون آهن ۽ اها ڪانفرنس خوشگوار انداز ۾ پڄاڻي تي پهتي آهي. هن چيو ته اسان سارڪ مان تمام گهڻو مطمئن ٿي واپس موٽي رهيا آهيون، جڏهن کانئس سوال ڪيو ويو ته ڇا ان هٿ ملائڻ سان سارڪ کي ڪو فرق پوندو ته طارق فاطمي چيو ته سارڪ ملڪن جي خواهش آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جا ٻطرفا لاڳاپا بهتر ٿين ته جيئن علائقائي تنظيم مستحڪم ٿئي. هن ياد ڏياريو ته عالمي گادي وارن شهرن ۾ ڀارت پاران پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي ڳالهين جي ملتوي ٿيڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪئي، وزيراعظم نواز شريف ڀارتي وزيراعظم کانسواءِ ٻين سمورن اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ڇو ته پاڪستان سمجهي ٿو ته باضابطا ڳالهين جي ذميواري ڀارت تي آهي. هن چيو ته ڪا باضابطا ملاقات نه ٿي جڏهن کائنس هٿ ملائڻ کانپوءِ مستقبل بابت سوال ڪيو ويو ته هن جواب ڏنو ته پاڪستان جو موقف اهو ئي آهي پاڪ ڀارت لاڳاپا پائيدار ڳالهين ذريعي ئي اڳيان وڌي سگهن ٿا. هن چيو ته خواهش ۽ عزم موجود آهي ۽ ٻنهي طرفن کان ان جي مخلصاڻي پيروي کانسواءِ اڳيان نه ٿو وڌي سگهجي. هڪ سوال جي جواب ۾ طارق فاطمي چيو ته هو ان بابت تبصرو ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نه آهي ته غيررسمي ويهڪ (ريٽريٽ) ۾ ڇا ٿيو. هن چيو ته ٻنهي اڳواڻن جي باڊي لينگوئيج بهتر هئي، هو مسڪرائڻ سان گڏ مطمئن ڏسڻ ۾ آيا. هن چيو ته اسان جو اصولي موقف عزت ۽ وقار سان برقرار رکيو ويو آهي اسان ڪنهن دٻاءُ ۾ ناهيون آيا. طارق فاطمي چيو ته اسان پاڪستان جي مفاد کي مٿانهون رکيو. طارق فاطمي چيو ته مجموعي طور تي سارڪ توانائي تعاون بابت معاهدي تي متفقه طور تي صحيحون ڪري هڪ اڳڀرائي ڪئي آهي. هن چيو ته موٽر گاڏين ۽ ريلويز بابت ٻين ٻن معاهدن تي فني سببن جي بنياد تي صحيحون نه ٿي سگهيون جيئن ته سينيئر عملدارن جي سطح تي ان بابت ڳالهيون نه ٿيون هيون. هن چيو ته واپار ۽ ٽرانسپورٽيشن جون وزارتون ٽن مهينن ۾ اجلاس ڪنديون ته جيئن جيڪڏهن ڪا رڪاوٽ آهي ته ان کي ختم ڪري سگهجي. طارق فاطمي چيو ته سارڪ سيڪريٽريٽ شروعاتي طور تي ٽي معاهدا تجويز ڪيا هئا تنهن هوندي به رڳو هڪ تي اتفاق ٿي سگهيو ڇو ته پاڪستان جا موٽر وهيڪلز ٽرانسپورٽيشن ۽ ريلويز بابت ٻن معاهدن تي ڪجهه خدشا هئا. هن چيو ته اسان ڪجهه ترميمون تجويز ڪنداسين ته جيئن پاڪستان جو مفاد متاثر نه ٿئي. طارق فاطمي چيو ته سارڪ ملڪن علائقائي رابطن ۽ مضبوط تعاون جي لاءِ وزيراعظم نواز شريف جي ويزن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم جي خصوصي معاون عرفان صديقي صحافين کي ٻڌايو ته وزيراعظم نواز شريف ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي وچ ۾ هٿ ملائڻ کي تمام گهڻي پذيرائي ملي، ائين لڳي ٿو ته ڄڻ سارڪ ان هٿ ملائڻ جي منتظر هئي. عرفان صديقي چيو ته ايندڙ قدم جي طور تي ڀارت کي پاڪستان سان پنهنجي پهرين کان افهام تفهيم کي پورو ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي بحال ڪرڻ گهرجي. هتي اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته ڀارت پاران هلندڙ سال آگسٽ ۾ پرڏيهي سيڪريٽرين جي سطح تي طئي ٿيل ڳالهيون ملتوي ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي طرفن کي گذريل ڪجهه مهينن کان ٻڏتر وارو ماحول درپيش آهي جڏهن ته جنهن کانپوءِ لائين آف ڪنٽرول ۽ ورڪنگ بائونڊري تي ڀارت پاران اشتعال انگيز فائرنگ جا واقعا پڻ پيش ايندا رهيا آهن جن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن. ٻئي طرف پاڪستان 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ 19 هين سارڪ سربراهه اجلاس جي ميزباني ڪندو. ان ڳالهه جو اظهار علائقائي تعاون بابت ڏکڻ ايشيائي تنظيم (سارڪ) جي 18 هين سربراهه اجلاس جي پڄاڻي واري ويهڪ ۾ ڪيو ويو. وزيراعظم محمد نواز شريف ڪالهه خميس ڏينهن هتي پڄاڻي واري اجلاس ۾ ٿورن جو اظهار ڪندي چيو ته سندس لاءِ 18 هين سارڪ سربراهه ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ سمورن ميمبر وفدن پاران نيپال ۾ شاندار آجيان ۽ قيام دوران فراخدلاڻي مهمان نوازي تي نيپال جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام جو سچي دل سان ٿورا مڃڻ انتهائي اعزاز جي ڳالهه آهي. هن سارڪ جي صدارت سنڀالڻ تي نيپال کي مبارڪباد پڻ ڏني. وزيراعظم محمد نواز شريف پنهنجي مختصر خطاب ۾ چيو ته اسان پاڪستان ۾ 19 هين سربراهه ڪانفرنس ۾ سربراهن جي آجيان ڪرڻ جا منتظر آهيون. وزيراعظم چيو ته سارڪ سربراهه ڪانفرنس تنظيم جي پليٽ فارم تان ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اڻٿڪ، برابر ۽ منصفاڻي حصيداري جي قيام جي عزم کي ورجايو آهي. هن چيو ته اسان کي انهن مسئلن جي حوالي سان حقيقت پسنداڻي، عملي ۽ مرحليوار حڪمت عملي اختيار ڪرڻ گهرجي جنهن سان تعاون جون نيون راهون کلنديون. هن پرڏيهي وزيرن، پرڏيهي سيڪريٽرين ۽ ٻين عملدارن کي مبارڪباد ڏني جن ان اهم سربراهه اجلاس جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ ٺوس تياري ڪئي. هن سربراهه اجلاس جي ڪاميابي تي سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ۽ سندس ٽيم جي ڪوششن کي به ساراهيو. وزيراعظم چيو ته اسان سربراهه اجلاس ڪانفرنس ۾ ڀرپور شرڪت تي مبصر وفدن جا به ٿورائتا آهيون. وزيراعظم محمد نواز شريف 18 هين سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي ڪامياب منعقد ٿيڻ تي سمورن شرڪت ڪندڙن ۽ نيپال جي حڪومت ۽ عوام کي مبارڪباد ڏني.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *