فيض گنج لڳ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين جهيڙو، 2 سڳن ڀائرن سميت 3 ڄڻا قتل، 4 زخمي

فيض گنج (رپورٽ: رياض سولنگي) فيض گنج لڳ لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾َزميني معاملي تان جهيڙو. فائرنگ ۾ ٻن سڳن ڀائرن سميت ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا، چار ڄڻا زخمي، وارثن جي ڌرڻي بعد پوليس مک جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، وارثن پاران لاش رکي ڌرڻو. ڳوٺ ننڌرو لاشاري ۾ زمين جي تڪرار تان لاشاري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، گوليون لڳڻ سبب ٻه سڳا ڀائر الهبچايو لاشاري سندس ڀاءُ ڪاشف پٽ نظر لاشاري ۽ شاهنواز پٽ جوڳي لاشاري قتل ٿي ويا، چار ڄڻا ساجد، عابد، الهوڌايو لاشاري ۽ وقار لاشاري زخمي ٿي پيا. هڪ زخمي عابد لاشاري جي حالت نازڪ هجڻ ڪري کيس نوابشاهه منتقل ڪيو ويو. جهيڙي ۾ قتل ٿيلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ فيض گنج جي سرڪاري اسپتال آندا ويا. زخمين کي فيض گنج جي سرڪاري اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، ٽن قتلن باوجود پوليس اطلاع ملڻ باوجود واقعي واري هنڌ ٽي ڪلاڪ دير سان پهچي جهيڙي تي ڪنٽرول ڪرائي ورتو. ٻڌايو وڃي ٿو ته 28 ايڪڙن زمين جي معاملي تان جهيڙو ٿيو، جهيڙو ڪندڙ پاڻ ۾َچاچا ڀائٽيا آهن، ٽن قتلن بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي. ڌريون مورچا بند ٿي ويون، وڌيڪ جهيڙي کي روڪرائڻ لاءِ ضلح مان پوليس طلب ڪئي وئي، جڏهن ته ٽن مقتولن جي وارثن ۽ شهرين لاش مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي رکي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، اُڪري چودڳي ۾ مهراڻ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻي سبب روزيدار ماڻهو پريشان ٿي ويا، مقتولن جي وارثن پاران قاتلن جي گرفتاري جي گهر ڪئي وئي، پوليس ڌرڻي واري جاءِ تان گم رهي. جڏهن ته ٽن متقولن جا لاش رکي روڊ تي ڌرڻو هڻندڙ لاشاري برادري جي ماڻهن سان پيپلز پارٽي ايم پي اي ساجد خان ٻانڀڻ پاران جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. جنهن بعد پوليس مک جوابدار مريد لاشاري کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي ۾ استعمال ٿيل رپيٽر به جوابدار وٽان هٿ ڪيو ويو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *