ملڪ کي آءِ ايم ايف تائين پهچائڻ جي ذميوار لٽيندڙن جون رڙيون نڪري رهيون آهن، سمورا چور گوڙ ڪري رهيا آهن: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ملڪ کي آءِ ايم ايف تائين پهچائيندڙ جون رڙيون نڪري رهيون، سمورا چور گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ هاڻ اڃا وڌيڪ گوڙ ڪندا، بلاول صاحب توهان جي حڪومت جي ڪارڪردگي قيمت سنڌ جا معصوم ٻار پنهنجون حياتيون ڏئي ادا ڪري رهيا آهن، جمعي تي هڪ بيان ۾ هن چيو ته اسلام آباد ۾ گوڙ ڪرڻ بدران کين سنڌ جي متاثر ٻارن ۽ انهن جي والدين سان ساٿ ڏيڻ گهرجي، هن چيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته اهي سمورا لٽيندڙ گوڙ ڪري رهيا آهن ۽ اڃا وڌيڪ گوڙ ڪندا، هن چيو ته عوام وزيراعظم عمران خان تي اعماد ڪري ٿو جيڪو قوم جي اميد آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *