فلم پدماوت کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي

لاهور(شوبز نيوز) بالي ووڊ جي تڪراري فلم پدماوت کي پاڪستان ۾ رليز ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي جنهن کانپوءِ ان کي سينيما گهرن ۾ رليز ڪيو ويو آهي.تفصيل مطابق سينٽرل بورڊ آف سينسرز پاڪستان بالي ووڊ فلم کي پاس ڪري ڇڏيو آهي جنهن کانپوءِ ان کي ملڪ جي سينيما گهرن ۾ نمائش جي اجازت ملي وئي، فلم کي بغير ڪنهن منظر کي سينسر ڪندي پاس ڪيو ويو آهي.پاڪستان سينسر بورڊ جي چيئرمين مبشر حسن سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ان ڳالهه جي تصديق به ڪري ڇڏي آهي. سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم پدماوت ۾ دپيڪا پڊوڪون، رنوير سنگهه ۽ شاهد ڪپور مرڪزي  ڪردار ادا ڪيو آهي.فلم جي رليز جي موقعي تي ڀارت جي مختلف رياستن ۾ مظاهرا ڪيا ويا. ڀارتي انتهاپسندن جي ڌمڪين سبب ڀارتي فلم سينسر بورڊ ان جو نالو تبديل ڪري پدماوت ڪري ڇڏيو جڏهن ته ڪجهه منظر به ڪڍڻ جو چيو ويو ان کان فلم جو نالو پدماوتي هو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *