فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ هاڻي 28 مئي تي سئنيما گھرن ۾ رليز ڪئي ويندي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارتي اداڪار ارشد وارثي ۽  جيڪي ڀاگناني جي نئين ايندڙ فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ هاڻي 28 مئي تي سئنيما گھرن ۾ رليز ڪئي ويندي، جڏهن ته فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ کي 21 مئي تي رليز ٿيڻو هو. فلم تي سياسي تنقيد کان پوءِ رليز ملتوي ڪئي وئي، جڏهن ته ان ئي ڏينهن تي آنند ايل راءِ جي ”تنو ويڊز منو ريٽرنس“ پڻ رليز ٿيڻي آهي، جيڪي ڀاڳناني ٽوئيٽ ڪيو ته فلم جي رليز جي نئين تاريخ رکي وئي آهي،  هاڻي توهان 28 مئي تي فلم ڏسي سگھندا. اشيش آر موهن پاران ڊائريڪٽر ڪيل فلم جي ڪاسٽ ۾ آمريڪي ڊانس اسٽار لورين گوٽليب، ٻه پاڪستاني اداڪار ايوب کوسو ۽ عدنان شاهه به اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريندا. فلم ”ويلڪم ٽو ڪراچي“ کي جيڪي ڀاڳنانيءَ جي پيءُ واشو ڀاگنانيءَ پروڊيوز ڪيو آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *