سونم ڪپور پاڪستان مان آيل تحفي تي ٻهڪي پئي

ممبئي (شوبز نيوز) ڀارت جي سينيئر اداڪار  انيل ڪپور  جي اداڪارا ڌيءُ سونم ڪپور جيڪا اسٽائلش گرل طور به سڃاتي ويندي آهي، ڇو ته کيس نوان نوان اسٽائل تمام گھڻا وڻدا آهن، پاڪستاني تحفي تي ٻهڪي پئي، جنهن خوشيءَ جو اظهار هن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڪيو، ڳالهه اصل ۾ هينئن هئي ته اداڪارا سونم ڪپور جي هڪ سهيلي پاڪستان آيل هئي، جنهن اداڪارا لاءِ پاڪستاني جوتن جو جوڙو خريد ڪري ڀارت وڃي اداڪارا کي تحفي ۾ ڏنو، جنهن تي فيشن ايبل اداڪارا کي تمام گھڻي خوشي ٿي، جنهن جو اظهار هن ٽوئٽر ذريعي ڪيو، هن پنهنجي سنگتاڻيءَ جا ٿورا مڃيندي جوتن جي ان جوڙي کي پسند ڪيو

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *