فلم قيامت سي قيامت تڪ ۾ يادگار ڪردار نڀايم: عامر خان

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان چيو آهي ته سندس فلم قيامت سي قيامت تڪ ۾ هن يادگار ڪردار ادا ڪيو، ڀارتي ميڊيا کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عامر خان چيو ته فلم قيامت سي قيامت تڪ کي رليز ٿئي 27 سال مڪملٿي ويا آهن، ان جي باوجود فلم جي مقبوليت ۾ گهٽتائي ناهي آئي ۽ اڃا به سينيما گهرن ۾ فلم جي نمائش ٿيندي آهي ۽ هر عمر جو ماڻهو اها فلم ڏسڻ سينيما گهر اچي ٿو، هن چيو ته ان فلم مان کيس منفرد سڃاڻپ ملي ۽ اها فلم سندس ڪاميابي جي پهرين وک هئي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *