بنگالي فلم ۾ ڪم ڪري پنهنجي والد جي خواهش پوري ڪيم: سشميتا سين

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره سشيميتا سين چيو آهي ته هن بنگالي فلم ”نيرباڪ“ ۾ ڪم ڪري پنهنجي والد جي خواهش پوري ڪئي آهي، پنهنجي هڪ تازي ڳالهه ٻولهه ۾ هن چيو ته ڇاڪاڻ ته سندس تعلق بنگالي ڪٽنب سان آهي تنهن ڪري سندس والد شوبر سين جي خواهش هئي ته آئون بنگالي فلم ۾ ڪم ڪيا ۽ هن بنگالي فلم جو حصو بڻجي والد جي پراڻي خواهش پوري ڪئي آهي، هوءَ هدايتڪار سرجيت مکرجي جي ٿورائتي آهي جنهن کيس ان فلم ۾ ڪم ڪرڻ جو موقعو ڏنو ۽ بنگالي زبان جي درستگي لاءِ سندس تربيت پڻ ڪئي، فلم سينيما گهرن جي زينت بڻجي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *