فلم ”دل والي“ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو منفرد ڪردار ادا ڪيو: ڪاجول

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪاره ڪاجل چيو آهي ته هن فلم ”دالي والي“ ۾ پنهنجي ڪيريئر جو منفرد ڪردار ادا ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا مطابق هو هميشه هر فلم لاءِ مختلف ڪردار ڳوليندي آهي ۽ فلم ”دلي والي“ ۾ پڻ هن هڪ مختلف ڪردار ادا ڪيو جيڪو سڀني کي پسند ايندو. هن وڌيڪ چيو ته فلم جي ڪاميابي يا ناڪاميءَ جي باري ۾ ڪجهه چئي نٿو سگهجي. هن چيو ته شاهه رُخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ سٺو لڳندو آهي ۽ سکڻ جو موقعو ملندو آهي. ڇاڪاڻ ته هو ٽيڪنيڪل لحاظ کان هڪ وڏو اداڪار آهي. فلم دل والي نومبر ۾ ديوالي جي موقعي تي رليز ٿيندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *