پاڪستاني اداڪاره فحش منظر ڪرڻ کان انڪار ڪري ملڪ جي لڄ رکي ڇڏي

ممبئي (شوبز نيوز) پاڪستان جا مشهور اداڪار ڀارت ۾ به ڪافي مقبول ۽ مشهور آهن پر فواد خان ۽ ماهره خان جهڙا نامور اداڪار فحش منظر عڪسبند ڪرڻ کان مسلسل انڪار ڪري پنهنجي ملڪ جي به لڄ رکي جنهن جو اطلاع عوام کي گهٽ ئي ملي ٿو تازو ئي پاڪستاني اداڪار فواد خان، علي ظفر ۽ ماهره خان پنهنجي ايندڙ فلمن ۾ فحش منظر ڪرڻ کان هڪ دفعو ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو آهي پاڪستاني اداڪاره ماهره خان شاهه رخ خان ۽ نوازالدين صديقي سان پنهنجي ايندڙ فلم رئيس ۾ فحش منظر عڪسبند ڪرائڻ کانا نڪار ڪيو آهي هڪ رپورٽ مطابق ماهره خان نواب الدين صديقي سان گڏ جنهن منظر کي عڪسبند ڪرائڻ کان انڪار ڪيو آهي اهو ڪافي حد تائين جنسي تشدد جي منظرن تي ٻڌل هو ۽ ماهره خان اهڙو ڪوبه منظر نڀائڻ لاءِ راضي نه آهي جنهن سان پاڪستان ۾ سندن مداحن جي نظر ۾ انهن جي ساک متاثر ٿئي هن فلم ۾ ڪنگ خان ئي ڇو نه موجود آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *