فلسطين ۾ اسرائيلي جارحيت: جماعت اسلامي 23 مئي تي ”فلسطين مارچ“ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي 23 مئي تي ”فلسطين مارچ“ جو اعلان ڪري ڇڏيو. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته آچر 23 مئي تي شاهراهه فيصل تي مارچ ٿيندو، جنهن جي قيادت سراج الحق ڪندو. هن واپارين ۽ سياسي توڙي مذهبي جماعتن کي مارچ ۾ شرڪت جي اپيل ڪندي چيو ته فلسطين لاءِ سڄي امت کي گڏ ٿيڻ گهرجي، مسجد اقصيٰ جي بي حرمتي، ٻارن ۽ عورتن کي شهيد ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته اسرائيل بدمست هاٿي بڻيل آهي، گڏيل قومن جا ٺهراءَ موجود آهن پر ڪم نه پيو ٿئي، گڏيل قومن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *