ڪراچي ۾ ڦر ڪوشش دوران مقابلو، پوليس اھلڪار شھيد، 3 ڏوھاري مارجي ويا

ڪراچي (اين اين آءِ) ڪراچي جي علائقي ڀينس ڪالوني ۾ روڊ بلاڪ ڪري شهرين کان لوٽ مار ڪندڙ ڦورن ۽ پوليس ۾ خوني مقابلو ٿيو هڪ ڪلاڪ جاري رهندڙ هن مقابلي ۾ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 3 ڦورو مارجي ويا ۽ 3 فرار ٿي ويا تفصيل موجب اڱاري جي صبح لانڍي ڀينس ڪالوني روڊ نمبر 5 لٺ بستي قبرستان ويجهو 6 هٿياربند شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا متاثر شهري موٽر سائيڪل تي گشت ڪندڙ سکن ٿاڻي جي اهلڪارن کي ڦورن جو اطلاع ڏنو جن تي ٻن موٽر سائيڪلن تي سوار 5 پوليس اهلڪار ٿڏي تي پهتا ته جوابدارن پوليس تي فائرنگ ڪري ڏني پوليس ۽ جوابدارن ۾ هڪ ڪلاڪ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿيندي رهي جوابدارن جي فائرنگ ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 ڦورو مارجي ويا جڏهن ته 3 جوابدار فرار ٿي ويا. جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ آيو شهيد اهلڪار جي سڃاڻپ 28 ورهين جو نعمان شاهه ولد مسعود جي نالي سان ٿي جيڪو سکن ٿاڻي ۾ مقرر هو اطلاع ملڻ تي ايس ايس پي ملير عرفان بهادر ٿڏي تي پهتو هن ٻڌايو ته جوابدارن کي ڦر ٿيندڙ شهرين سڃاڻي ورتو جوابدارن جي سڃاڻپ جو عمل بايو ميٽرڪ جي ذريعي ڪيو پيو وڃي جوابدارن وٽان هٿيار ۽ ڦر ڪيل سامان هٿ آيو واقعي واري هنڌ تان هٿ ايندڙ کول ۽ هٿيار فارنزڪ ليب موڪليا ويا آهن. جوابدار ڀينس ڪالوني کان ابراهيم حيدري ويندڙ رستي تي لوٽ مار ڪري رهيا هئا ايس ايڇ او سکن غيور احمد مطابق شهيد اهلڪار جو آبائي تعلق هريپور هزارا سان هو ۽ هو ٽن ٻارڙن جو پيءُ هو 2017 ۾ پوليس ۾ ڀرتي ٿيو هو شهيد اهلڪار جي جنازي نماز عصر نماز کان پوءِ پوليس هيد ڪوارٽر سائوٿ گارڊن ۾ ادا ڪئي ويئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *