فضيلا قاضي به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي

لاهور(شوبز نيوز): پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي مرڪز تان اداڪاري جي شروعات ڪندڙ نامياري اداڪاره فضيله قاضي به فلمن ۾ ڪم ڪرڻ تي رضامندي ظاهر ڪري ڇڏي. هن چيو آهي ته هاڻي فلمن جي موضوعن ۾ تبديلي اچي رهي آهي تنهن ڪري مون کي ڪنهن فلم ۾ معياري ڪردار مليو ته ضرور ڪم ڪنديس. فضيله قاضي ماڊل ۽ اداڪاره طور هڪ سٺي ساک سان ڪم ڪيو آهي. اڄڪلهه به هوءَ پنهنجي ذاتي پروڊڪشن هائوس سان گڏ ٻين ٻاهر جي ڊررامن ۾ به ڪم ڪري رهي آهي ۽ پنهنجو گهريلو ذميوايون به خوبي سان نڀائي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *