موازين فيسٽيول ۾ جينيفر لوپيز جي پرفارمسن غير مهذب قرار

مراڪش (شوبز نيوز) مراڪش ميڊيا موجب رباط ۾ آمريڪي ڳائڻي جينيفر لوپيز جي ڪنسرٽ کان پوٽ ملڪ جي مواصلاتي وزير کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪيو پيو وڃي. حڪمران جماعت جسٽس اينڊ ڊيولپمينٽ پارٽيءَ جي اعليٰ عهديدارن جو چوڻ هو ته موازين فيسٽيول ۾ جينيفر لوپيز جي پرفارمسن غير مهذب هئي. مواصلاتي وزير مصطفيٰ خلفي اها پرفارمنس لائيو ڏيکارڻ جي اجازت ڏني هئي، جنهن جي ڪري مٿس سخت تنقيد ٿي رهي آهي. مقامي ميڊيا موجب مصطفيٰ استعيفيٰ ڏيڻ جا مطالبا رد ڪري ڇڏيا آهن. جينيفر لوپيز جمعي تي هڪ لک 60 هزار ماڻهن جي ميڙ سامهون اها تڪراري پرفارمنس ڏني هئي، هي فيسٽيول ٿوري دير کان پوءِ ”12 ايم“ پبلڪ ٽي وي نيٽ ورڪ تي ڏيکاريو ويو هو. پر مقامي ميڊيا جينيفر لوپيز کي ان حرڪت ۽ لباس جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *