فضل الرحمان جو آصف زرداري کي فون، وزير اعظم جو پيغام پهچايو، پاناما ليڪس تي به ڳالهيون

اسلام آباد(بيورو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان فون تي رابطو ڪري کيس وزير اعظم نواز شريف جو پيغام ڏنو. ميڊيا رپورٽن موجب وزير اعظم جي هدايت تي جي يو آءِ سربراهه فضل الرحمان آصف زرداري سان رابطو ڪيو ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ پاناما ليڪس معاملي سميت مختلف معاملن تي ڳالهيون ٿيون. ميڊيا رپورٽن موجب مولانا فضل الرحمان سان ڳالهه ٻولهه بعد وزير اعظم نواز شريف جو به آصف علي زرداري سان رابطي جو امڪان آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *