مخالف ڌر سياست نه ڪري ته پاناما ليڪس مسئلو حل ٿي سگھي ٿو: خواجه آصف

اسلام آباد(بيورو) بچاءُ بابت وفاقي وزير خواجه آصف چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جو جواب اڻ ڌريو آهي، مخالف ڌر سياست نه ڪري. پنهنجي ٽوئيٽ اڪائونٽ تي ڇڏيل هڪ پيغام م وفاقي وزير خواجه آصف جو چوڻ هو ته مخالف ڌر پهريان ايف آءِ اي کان جاچ جو مطالبو ڪيو، پوءِ وري نيب جي لاءِ چيو ويو، پارلياماني ڪميٽي جو به چيو ويو. هن چيو ته اپوزيشن پنهنجي موقف تان ڦري وئي آهي.  وفاقي وزير خواجه آصف وڌيڪ چيو ته سپريم ڪورٽ جو جواب اڻ ڌريو آهي، مخالف ڌر سياست نه ڪري ته پاناما ليڪس جي جاچ جو مسئلو حل ٿي سگھي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *