فردوس عاشق اعواڻ صاحب قرار، بلاول کي ويجهي کان ڏسو ته پروين نظر اچي ٿي: شيخ رشيد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ريلوي واري وزير شيخ رشيد فردوس عاشق اعواڻ کي صاحب قرار ڏئي ڇڏيو آهي، سندس چوڻ هو ته بلاول کي ويجهي کان ڏسو ته پروين نظر اچي ٿي، صاحب کي صاحبه چوڻ سان ڪهڙو فرق پوي ٿو، گڏهه کي رنگ ڏيڻ سان زيبر نه ٿيندو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته صاحب ۽ صاحبه جي جهيڙي تي خوف آهي ته اسيمبليءَ ۾ جهيڙو نه ٿي پوي. هن چيو ته بلاول منهن سجائي ناراض ٿي ويندو آهي، عمران خان جي دفاع ۾ جواب ڏيندو رهندو آهيان، قومي اسيمبليءَ ۾ جوڊو ڪراٽي جو ماحول آهي، چورن پڪو پهه ڪيو آهي ته اين آر او نه ملڻ تي اسيمبلي هلڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته  قومي اسيمبلي ۾ آئين جي مضبوطي لاءِ ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان وڏي وزير عثمان بوزدار سان گڏ آهي.  سندس چوڻ هو ته منهنجي اطلاعن موجب چوڌري نثار علي قسم نه کڻي رهيو آهي، وزيراعظم ۽ چوڌري نثار هڪ ٻئي مان خوش نه آهن، اسد عمر ملڪ جو قيمتي سرمايو آهي،  ڪوشش آهي ته اسد عمر کي ٻيهر وزير اعظم جو ساٿي ڪيان.  شيخ رشيد چيو ته شهباز شريف پرڏيهه ۾ شاپنگ ڪري رهيو آهي، هتي سندس مهرن ۽ پٺن جو مسئلو ٿي پوندو آهي. هن چيو ته فردوس عاشق صاحب سٺي نموني ڪم ڪري رهي آهي، منهنجي سڌ سماءَ وارو وزير ٿيڻ جي ضرورت ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *