عمران خان کي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ 23 سال لڳا، پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙ پارليامينٽ ۾ اچڻ پسند نه ٿا ڪن: ن ليگ

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙ پارليامينٽ ۾ اچڻ پسند نه ٿا ڪن. اسلام آباد ۾ پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙڻ ۾ 23 سال لڳا آهن، 23 سالن تائين عوام ڍونگ ڏٺو آهي، پارليامينٽ تي لعنت وجهندڙ پارليامينٽ ۾ اچڻ پسند نه ٿا ڪن، تحريڪ انصاف جا پراڻا ماڻهو اڄ به رت روئي رهيا آهن. هن چيو ته پارٽي فڊنگ سان بني گالا ۽ عليما باجي جا محل ٺهيا، پي ٽي آءِ اڄ تائين پارٽي فنڊنگ جو جواب نه ڏئي سگهي آهي، ترقي جي شرح گهٽ ۽ مهانگائي جي شرح وڌيڪ ٿي وئي آهي. سندس چوڻ هو ته مهانگائي جي شرح وڌي 10 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جڏهن ته ترقي جي شرح گهٽ ٿي 2 سيڪڙو رهجي وئي آهي، موجوده حڪومت عوام کان ٻن وقتن جي ماني به کسي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *