غير قانوني اڏاوتون ايم ڪيو ايم ڪيون، وفاقي حڪومت ملڪ جو ٻيڙو ٻوڙي رھي آھي: سعيد غني

پشاور (ويب ڊيسڪ) پ پ اڳواڻن چيو آهي ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ سمورا آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن ليڊر قدم وڌائي ته عمران خان جي حڪومت ڪِري پوندي. اهڙن خيالن جو اظهار پ پ جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري پشاور ۾ پارٽي اڳواڻن سعيد غني ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. هن چيو ته پ پ سڀاڻي 54هون يوم تاسيس ملهائي رهي آهي، پارٽي جو بنياد عوام جي مسئلن جي حل لاءِ رکيو ويو هو، چيئرمين سڀني صوبن ۾ يوم تاسيس ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پشاور انتظاميا وڏي وزير کي جلسي جي اجازت ڏني پر اسان کي جلسو ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي، انتظامي آفيسر رياست جا ملازم آهن پي ٽي آءِ جا نه، اهو چونڊ جلسو نه پر يوم تاسيس جو جلسو آهي. نيئر بخاري چيو پي ڊي ايم ته اسان ٺاهي، اسان ان کي ناهي ڇڏيو، پي ڊي ايم هاڻ پ پ ۽ اي اين پي بنا پي ڊي ايم ناهي، اسان جي موقف سبب اپوزيشن کي ڪاميابيون مليون، اهي اسان جي ايجنڊا تي عمل ڪن ته سڀني کي فائدو ٿيندو.  هن چيو ته اسان عمران خان جي حڪومت کي هٽائڻ لاءِ سڀ آئيني ۽ قانوني رستا اختيار ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، اپوزيشن ليڊر اڳتي وڌي ته عمران خان جي حڪومت ڪيرائي ڇڏينداسين. سندس چوڻ هو ته عمران خان يوٽرن ماسٽر آهي، جنهن جو مطلب واعدا ٽوڙڻ آهي، پ پ جو ڪا به پارٽي مقابلو نٿي ڪري سگهي، اسان اقتدار ۾ آياسين ته عوام کي نوڪريون ڏينداسين. پ پ اڳواڻ چيو ته سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم غير قانوني اڏاوتون ڪيون، انهن کي ريگيولرائز ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، نسلا ٽاور جهڙين ڪارروائين سان هزارين ماڻهو بيروزگار ٿي ويندا، سپريم ڪورٽ اهڙين عمارتن کي ريگيولرائز ڪرڻ لاءِ ڪميشن ٺاهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *