عوام ڌرڻا سياست نٿو چاهي، مان نه مڃان واري پاليسي دفن ٿي چڪي: نوازشريف

لنڊن (اين اين آءِ) وزيراعظم محمد نوازشريف چيو آهي ته پاڪستاني عوام ڌرڻا سياست نٿي چاهي مان نه مڃان واري ڳالهه نه هلندي 1972 کان اسان جو ڪٽنب پريشانين ۽ مشڪلاتن جو شڪار رهيو پانامه ليڪس جي حوالي سان جلد ڪميشن بڻجي ويندو لنڊن کان پاڪستان روانگي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي نوازشريف چيو ته الله تعالي ٰ جي فضل ۽ ڪرم ۽ قوم جي دعائن سان هاڻي بهتر آهيان ۽ مان پاڪستان وڃي رهيو آهيان وزيراعظم چيو ته اسان جو مقصد ملڪ جي خوشحالي عوام جي گهڻائي احتجاج جي سياست جي حامي نه آهي عوام ڪنهن کي ملڪي ترقي ۾ رنڊڪ بڻجڻ نه ڏيندو وزيراعظم چيو ته پانامه ليڪس تي مون تي ڪوئي الزام ناهي لڳو پانامه ليڪس جي معاملي تي ڪميسن جلد ٺهندو جڏهن ته سيلاب جي نالي تي چندو گڏ ڪندڙن جو حساب ٿيڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته اسان جو خاندان 1972 کان پريشانين ۽ مسئلن جو شڪار آهي ذوالفقارعلي ڀٽو اسان جي صنعتن کي قومي تحويل ۾ ورتو ڪميشن کي انهن شين جو به جائزو وٺڻ گهرجي وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ عوام جي گهڻائي ملڪ ۾ امن سلامتي ۽ ترقي گهري ٿي هاڻي مان نه مڃان واري ڳالهه نه هلندي ڇو ته ان کي 90 جي ڏهاڪي ۾ دفن ڪري چڪا آهيون وزيراعظم چيو ته چوڌري نثارعلي خان ڪميشن لاءِ رابطن بابت ٻڌايو ته هن چيو ته پهريان به ڌرڻن تي معاملي سپريم ڪورٽ اماڻيو هو جنهن تي سپريم ڪورٽ هڪ فيصلو ڏنو جنهن کي ڌرڻن وارن تسليم نه ڪيو اهڙي طرح اسپيڪر سردار اياز صادق جيڪو ضمني چونڊن ۾ ٻيهر منتخب ٿيو ان جي چونڊ کي به اهڙن ماڻهن تسليم نه ڪيو هن چيو ته ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا سياستدان آهن جيڪي هن وقت تائين بالغ نه ٿيا آهن ۽ اهي 90 جي ڏهاڪي واري سياست ڪري رهيا آهن خدا ڪري کين به پاڪستان جي ترقي ايتري عزيز هجي جيتري مون کي ۽ ٻين پاڪستانين کي آهي وزيراعظم چيو ته ڪيترن ئي ماڻهن کي منهنجي لنڊن ۾ اچڻ ۾ سازش نظر اچي رهي هئي پر مان چيڪ اپ لاءِ آيس جيڪو مڪمل ٿي ويو ۽ هاڻي واپس پنهنجي وطن وڃي رهيو آهيان منهنجي لنڊن اچڻ کان پوءِ اڳڪٿيون ڪندڙن کان سوال ڪيو وڃي ته انهن ايئن ڇو ڪيو هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان وڃي رهيو آهيان جنهن کان پوءِ سمورا افواهه ختم ٿي ويندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *