مان نه مڃان هاڻي نه هلندي….

لنڊن کان وطن واپسي لاءِ ايئرپورٽ طرف روانگي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستانين جي اڪثريت ڌرڻا نه ٿي چاهي، پر بدقسمتي سان 1990ع واري ڏهاڪي جي ”مان نه مڃان“ واري سياست ٻيهر شروع ٿي وئي آهي، جيڪا دفن ٿي وئي هئي ۽ هاڻي اها ملڪ ۾ نه هلندي، پاناماليڪس منهنجي ذات تي ڪوبه الزام ناهي مڙهيو، پر ان کانپوءِ به اسان چاهيون ٿا ته جاچ ڪميشن ضرور ٺهي، هن چيو ته منهنجي خيال ۾ ڪميشن ٺهي ويندي، چوڌري نثار علي خان کيس ٻڌايو ته ڪميشن لاءِ ڪنهن ڪنهن  سان رابطو ڪيو ويو، وزيراعظم چيو ته منهنجو طبي معائنو ٿيو ۽ خدا جو شڪر آهي ته منهنجي طبيعت ٺيڪ آهي، پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي اسان جو مشن آهي، پاڪستانين جي اڪثريت ملڪ ۾ امن ۽ سڪون چاهي ٿي پر دنيا جي قومن ۽ ترقي جي ڊوڙ ۾ اسان پوئتي رهجي ويا آهيون، ڪيترن ئي ماڻهن کي منهنجي لنڊن پهچڻ تي سازش نظر اچي رهي هئي، پر آئون طبي چڪاس لاءِ لنڊن ويو هئس، منهنجي لنڊن وڃڻ تي اڳڪٿيون ڪندڙن کان ئي پڇيو وڃي ته انهن ائين ڇو ڪيو، 1972ع کان اسان جو خاندان مشڪلاتن جو شڪار رهيو، اسان جي ڪيترائي ڪارخانا ذوالفقار علي ڀٽو اقتدار ۾ اچڻ بعد قومي ورثو قرار ڏنا هئا. اسان جڏهن باقي دنيا جو مقابلو ڪري رهيا آهيون ته ملڪ ۾ موجود ماڻهن کي اسان جون ڄنگهون نه ڇڪڻ گهرجن،

پاناما ليڪس بابت جاچ ڪميشن جي حوالي سان  نواز شريف چيو ته جڏهن ڌرڻا لڳا هئا ته انهن جي پڄاڻي تي طئه ٿيو هو ته اهو معاملو سپريم ڪورٽ حوالي ڪيو وڃي، جڏهن ته پاناما ليڪس جي حوالي سان به سپريم ڪورٽ جي راءِ سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته ڌانڌلين جو گوڙ ڪندڙن اسپيڪر جي چونڊ وارا نتيجا ٻيهر به نه مڃيا، جيڪو نه ٿيڻ گهرجي، اسان ڌرڻن جي سياست نه ٿا چاهيون، انشاءُ الله ملڪ ترقي ڪندو ۽ حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، ملڪ ۾ 90ع واري سياست نه ٿيڻ گهرجي ۽ پاڪستان ۾ رهندڙن کي پاڪستان جون ڄنگهون نه ڇڪڻ گهرجن، ملڪ ۾ ڪجهه اهڙا سياستدان موجود آهن، جيڪي اڃا بالغ ناهن ٿيا ۽ هو 90ع واري سياست ڪري رهيا آهن، الله ڪري انهن کي به پاڪستان جي ترقي ايتري پياري ٿي وڃي، جيتري مون ۽ ٻين پاڪستانين کي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *