عمر اڪمل تي 3 سالن لاءِ هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي

لاهور (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ مڊل آرڊر بيٽسمين عمر اڪمل تي 3 سالن لاءِ هر قسم جي ڪرڪيٽ کيڏڻ تي پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.پاڪستان سپر ليگ /ڏسو صفحو 3 بقايا نمبر 29

جي پنجين سيزن جي شروعات کان اڳ معطل ڪيل عمر اڪمل کي بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ٻه ڀيرا ڀڃڪڙي تي چارج ڪيو ويو هو.عمر اڪمل تي الزام هو ته هن فڪسنگ جي حوالي سان پهچ تي قانونن تحت بورڊ کي ان بابت آگاهه نه ڪيو هو ۽ بورڊ جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي ڀڃڪڙي جو ذميوار ثابت ٿيو.اڄ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ ڊسپلنري پئنل جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ فضل ميران چوهاڻ جي سربراهي ۾ ان ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ فضل ميران فيصلو ٻڌائيندي مڊل آرڊر بيٽسمين جي هر قسم جي ڪرڪيٽ ۾ شرڪت تي 3 سالن لاءِ پابندي هڻي ڇڏي.ڪيس جي ٻڌڻي نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاهور ۾ ٿي، جتي عمر اڪمل پاڻ پيش ٿيو، جڏهن ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي نمائندگي تفضل رضوي ڪئي.عمر اڪمل کي پي سي بي جي اينٽي ڪرپشن ڪوڊ جي آرٽيڪل 2.4.4 جي ٻه ڀيرا ڀڃڪڙي تي 17 مارچ تي نوٽيس آف چارج جاري ڪيو ويو هو ۽ اينٽي ڪرپشن ٽربيونل جي روبرو پيشي جي درخواست نه ڪرڻ تي پي سي بي عمر اڪمل جو معاملو 9 اپريل تي ڊسپلنري پئنل جي چيئرمين کي موڪليو هو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *