اڄ 144 ارب ورهائڻ جو اعلان، مهيني جي آخر تائين اسپتالن ۾ مريضن لاءِ جاءِ نه بچندي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيرراعظم عمران خان اڄ کان 17 هزار هنڌن کان 12 هزار رپيا غريب عوام ۾ ورهائڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته احساس پروگرام ۾ ڪنهن به قسم جي سياسي مداخلت نه آهي، پروگرام ۾ هر گهراڻي ۾ هڪ ماڻهو کي 12 هزار رپيا ڏنا ويندا، سڄي پاڪستان ۾ 17 هنڌن آهن جتي هي پيسا ورهايا ويندا، جنهن موجب ايندڙ 2 کان اڍائي هفتن ۾ هڪ ڪروڙ 20 لک گهراڻن کي پيسا ڏنا ويندا، ايندڙ 2 هفتن ۾ 144 ارب رپيا هيٺين طبقي تائين ورهائينداسين، اربع تي صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته هن وقت اسان جو سڀ کان وڏو چئلينج آهي ته غريب طبقي جو ڪيئن خيال رکون، ان ڏس ۾ اڄ خميس کان احساس پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون، احساس پروگرام ۾ ساڍا 3 ڪروڙ عوام درخواست ڏني آهي ته اهي غريب آهن انهن جي مدد ڪئي وڃي، ۽ نادرا پاران فراهم ڪيل ڊيٽا جي بنياد تي ميرٽ تي هلي رهيو آهي، وزيراعظم چيو ته هڪ ماڻهو کي 12 هزار رپيا ڏنا ويندا ۽ سڄي پاڪستان ۾ 17 هزار هنڌ آهن جتي هي پيسا ورهايا ويندا، پهرين مرحلي ۾ 23 لک گهراڻن کي پيسا ڏنا ويندا، ٽائيگر فورس احساس پروگرام تحت غريب ماڻهن جي 8171 تي ايس ايم ايس ذريعي رجسٽريشن ڪندي، هي فورس لاڪ ڊائون جي صورت ۾ ماڻهن کي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ذميوار هوندي.  ٻئي طرف  وزيراعظم عمران خان ڪرونا تيزي سان پکڙجڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته جيئن بيماري تيزي سان پکڙجي رهي آهي اسان کي خطرو آهي ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ ڪٿي اسپتالون مريضن سان ڀرجي نه وڃن ۽ جاءِ نه هجي، پاڪستان ڪرونا جهڙي وڏي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، احتياط سبب اسان وڏي مسئلي کان بچي سگهون ٿا، جيترا وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا بيماري تيزي سان وڌندي هر ملڪ ۾ ڪرونا جو پکڙجڻ مختلف آهي، پاڪستان ۾ ماڻهو سمجهن ٿا ته بيماري اثر نه ڪندي، ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو احتياط نه پيا ڪن، جيڪڏهن ڪو نوجوان بيماري ۾ مبتلا ٿيو ته ان جا گهرڀاتي به مبتلا ٿي سگهن ٿا، ڪيسن جو انگ وڌي ويو ته اسان وٽ ايترا وينٽيليٽر نه آهن جو انهن جو علاج ٿي سگهي، درخواست ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهو، لاڪ ڊائون ان وقت ڪامياب ٿيندو جڏهن ماڻهن کي گهرن ۾ کاڌو ۽ بنيادي ضروري شيون گهر ويٺي ملنديون، هو اربع تي صحافين سان ڳالهائي رهيو هو، ان موقعي تي وفاقي وزير اسد عمر اين ڊي ايم اي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل محمد افضل، عثمان ڊار ۽ ثانيا نشتر موجود هئي، وزيراعظم چيو ته هن وقت تائين رڳو 40 ماڻهو فوت ٿيا آهن ته ماڻهو سمجهن ٿا ته پاڪستانين جي قوت مدافيت وڌيڪ آهي شايد اسان کي اها بيماري اثر نه ڪندي، هن چيو ته سڀني کي درخواست ڪريان ٿو ته اهڙي غلط فهمي ۾ نه پئو اهڙي سوچ هوندي ته هي بيماري خطرناڪ آهي، اسان جا ماڻهو اهو سوچي احتياط نه پيا ڪن ته پاڪستانين تي فرق نه پوندو. هن چيو ته احتياط ڪنداسين ته بيماري گهٽ شدت سان پکڙجندي ته هاڻ اسان جي اسپتالن ۾ جاءِ آهي، عمران خان چيو ته 3 هفتا اڳ اسان لاڪ ڊائون جو فيصلو ڪيو، اسڪول يونيورسٽين کانپوءِ فيڪٽريون دڪان بند ڪري ڇڏيا هئا، يورپ، آمريڪا ۽ چين ۾ ٿيندڙ لاڪ ڊائون کان اسان جو مختلف آهي، هن چيو ته پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته آبادي جو هڪ وڏو اٽڪل 5 ڪروڙ ماڻهو غربت کان گهٽ زندگي گذاري رهيا آهن ته اسان کي لاڪ ڊائون يورپ وانگر نه سوچڻ گهرجي، اسان کي اهو سوچڻو پوندو ته اسان انهن وانگر لاڪ ڊائون ڪنداسين ته ان جا اثر ڪهڙا نڪرندا، هن چيو ته اسان کي خبر آهي ته جيڪي روزانو مزدور ماڻهو ڪمائڻ وارا آهن، رڪشا هلائڻ وارو، ريڙهي وارو، دڪاندار ۽ بين تي لاڪ ڊائون جو سڀ کان وڌيڪ اثر پوي ٿو، اهو سڄو ڏينهن محنت ڪري ٻچڙن جو پيٽ پالي ٿو، اسان ڪوشش ڪئي ته ڪيئن توازن قائم ڪيو وڃي، هن چيو ته يورپ ۾ سوئيڊن جو مختلف لاڪ ڊائون آهي، جڏهن ته جرمني جو اسپين ۽ اٽلي کان مختلف آهي، اسان پنهنجي زراعت جي شعبي ۾ ماڻهن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻي آهي ڇو ته اسان کي اهو به ڌيان رکڻو آهي ته اسان جا 22 ڪروڙ عوام آهي جن کي اسان کي کاڌو پيتو ڏيڻو آهي، خاص ڪري هاڻ ڪڻڪ ۾ لابارو پئجي ويو آهي ته اسان ڳوٺن ۾ چيو آهي ته ڪو به لاڪ ڊائون نه آهي، اصل لاڪ ڊائون شهرن ۾ ڪيو آهي، هاڻ شهرن ۾ به خبرون اچڻ شروع ٿي ويون آهن ته ماڻهن جون حالتون خراب آهن، مزدورن جون حالتون خراب آهن ان ڪري اسان فيصلو ڪيو ته اڏاوتي شعبي کي کوليو وڃي ته جئين ماڻهن کي روزگار ملي، هن چيو ته سرندي وارا الله تعالي جي راضپي ۽ آخرت سنوارڻ لاءِ عطيو ڏين ٿا، نوجوان ۽ سرندي وارا هن ڏکئي وقت ۾ اسان جي طاقت آهن.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *