عمران طاهر تي تماشائي جي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز

 

ڪيپ ٽائون(اسپورٽس نيوز) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ بوڊ جو چوڻ آهي ته ڀارت خلاف چوٿين هڪ ڏينهن واري ميچ دوران تماشائي طرفان ليگ اسپنر عمران طاهر تي نسل پرستاڻن جملن جي جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ڏکڻ آفريقي بورڊ طرفان هڪ بيان جاري ڪيو ويو جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ڇنڇر ڏينهن وانڊرز اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ عمران طاهر تي تماشائي نسل پرستاڻا جملا استعمال ڪيا ۽ ان واقعي بابت هن سيڪيورٽي اختيارين کي آگاهه ڪيو هو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته عمران طاهر  ٻن سيڪيورٽي اهلڪارن سان گڏ گرائونڊ جي اسٽينڊز ۾ ويو جيئن ان شخص جي سڃاڻپ ڪري سگهجي جنهن جملا استعمال ڪيا ۽ گاريون ڏنيون.  ياد رهي ته 6 ڏينهن وارن ميچن جي سيريز جي چوٿين ميچ ۾ ڏکڻ آفريقا ڀارت کي ڊڪ ورٿ ليوس قانون جي تحت پنج وڪيٽن سان شڪست ڏني هئي ۽ انهيءَ ميچ ۾ اهو واقعو پيش آيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *