عمران خان کي ننڊ ۾ به آصف زرداري ٿو نظر اچي، آمرن جو ساٿاري ڪڏهن به تبديلي نه ٿو آڻي سگهي: نثار کهڙو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي اطلاعات واري سينيئر وزير نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان فڪر نه ڪري ،پيپلز پارٽيءَ جا دبئيءَ ۾ اجلاس پنهنجن خرچن تي ٿيندا آهن نه ئي جهانگير ترين جي خرچن تي ڪيا ويندا آهن. پيپلز پارٽيءَ تي ٻين جماعتن سان مڪ مڪا جو الزام هڻندڙ عمران خان پهريان ريفرينڊم ۾ آمر پرويز مشرف سان مڪ مڪا جو جواب ڏي ۽ ان مڪ مڪا بابت قوم کان معافي وٺي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سومر ڏينهن عمران خان جي پريس ڪانفرنس تي رد عمل ظاهر ڪندي ڪيو. نثار احمد کهڙو چيو آهي ته عمران خان ٻين تي الزام هڻڻ بدران پرويز خٽڪ جي غيرقانوني سرڪاري هيليڪاپٽر ۽ جهاز جي استعمال جو خرچ پهريان سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي. هن چيو ته آمرن جو ساٿاري ڪڏهن به تبديلي نه ٿو آڻي سگهي ڇاڪاڻ ته عوام آمرن ۽ ان جي حامين کي سڃاڻي ٿو. عمران خان کي ننڊ ۾ به آصف زرداري ٿو نظر اچي ، عمران خان پيپلز پارٽيءَ تي تنقيد ڪرڻ بدران ماضيءَ ۾ ميگا ڪرپشن ۾ ملوث مشرف جي ساٿاري جنوبي پنجاب جي جن ماڻهن کي پارٽيءَ ۾ شامل ڪيو آهي پهريان انهن خلاف ڪاروائي ڪري ۽ عمران خان پنهنجي پارٽيءَ اندر جيڪا ڌانڌلي ڪرائي آهي ان جو پڻ جواب ڏي. هن مطالبو ڪيو ته شوڪت خانم اسپتال جي پڻ آڊٽ ڪرائي وڃي ته خبر پئجي ويندي. هن چيو ته ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي قيام ۾ پي ٽي آءِ جو ڪو به ڪمال نه آهي، ڪي پي ڪي ۾ امن امان جو سهرو پيپلز پارٽيءَ ڏانهن ئي وڃي ٿو جنهن سب کان پهريان دهشتگردن جي خلاف سوات ۾ آپريشن شروع ڪرايو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *