دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ ضروري آهي: چوڌري نثار

اسلام آباد (بيورو) وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار، دهشتگردن جي مالي معاونت ڪندڙن ۽ انساني اسمگلنگ ۾ ملوثن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڏيندي چيو آهي ته دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ ضروري آهي، انساني اسمگلنگ ۾ ملوثن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي. اسلام آباد ۾ وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار جي صدارت هيٺ اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ دهشتگردن جي مالي معاونت ۽ انساني اسمگلنگ روڪڻ سميت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي، نيڪٽا ڪوآرڊينيٽر سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڏني. اجلاس ۾ ڊي جي ايف آءِ اي پاران شڪي اڪائونٽس جا تفصيل پيش ڪيا ويا دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ بابت بريفنگ ڏني  وئي. گهرو وزير چوڌري نثار، ايف آءِ اي کي هدايت ڪئي ته دهشتگردن جي مالي معاونت روڪڻ لاءِ اسٽيٽ بينڪ جي فنانشنل مانيٽرنگ يونٽ ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن سان ڪوآرڊينيشن بهتر بڻائي وڃي. چوڌري نثار چيو ته دهشتگردي جي پاڙ پٽڻ لاءِ دهشتگردن جي مالي فنڊنگ جو ذريعو ڄاڻڻ ضروري آهي، جيڪو به ملڪ دشمنن جي فنڊنگ ۾ ملوث آهي، ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي.  وفاقي گهرو وزير چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ڏکي ضرور آهي پـَر ناممڪن ناهي. چوڌري نثار اها به هدايت ڪئي ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوثن خلاف به سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وفاقي گهرو وزير چيو ته انساني اسمگلنگ ۾ ملوث عنصرن نه صرف ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي رهيا آهن پر اهي معصوم ۽ ضرورت مند ماڻهن جو استحصال ڪري رهيا آهن، انهن سان ڪنهن به قسم جي رعايت نه ڪئي وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *