عمران خان کي مائنس ڪرڻ جا خواب ڏسندڙ پاڻ مائنس ٿي رهيا آهن، قومي ناڻو لُٽيندڙ سياست ڇڏڻ جو منصوبو جوڙن: فردوس عاشق اعواڻ

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم جي سڌ سماءَ بابت مددگار فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته عمران خان کي مائنس ڪرڻ جو خواب ڏسڻ وارا پاڻ مائنس ٿي رهيا آهن، ٽوئيٽر تي بيان ۾ هن چيو ته هن وقت سياسي محاظ تي ٻن نظرين جو ٽڪراءُ ٿي رهيو آهي، هن چيو ته هڪ نظريو قومي دولت لٽي مني لانڊرنگ ذريعي ٻاهر ملڪيتون اڏڻ وارن جو آهي، هن چيو ته ٻيو نظريو عمران خان جو آهي جيڪو قوم جي لٽيل هڪ هڪ پائي اڳاڙڻ جي مشن تي ڪم ڪري رهيو آهي، هن چيو ته انشاالله عمران خان قومي دولت هٿ ڪرڻ جي جدوجهد ۾ ڪامياب ٿيندو، هن چيو ته جن کي پاڪستان جي عوام مائنس ڪيو آهي اهي سازشون ڪري پاڻ کي ٻيهر ڪابل بڻائڻ لاءِ منٿون ڪري رهيا آهن، سازشون ڪندڙن کي خبر هئڻ گهرجي ته اهي پاڪستان جي سياست مان مائنس ٿي چڪا آهن، ڪرپشن سان پنهنجي دولت کي پلس ڪرڻ وارا هاڻ مائنس جو گوڙ ڪرڻ بدران قوم کي لٽيل دولت واپس ڪن، هن چيو ته پاڪستان ۾ سياسي احتجاج ٺيڪي تي ان جي رهبر مولانا ۽ ساٿارين جي حوالي آهي، هن چيو ته دولت ۽ پاڻ کي بچايو پلانز ۽ سازشون ناڪام ٿي ويون آهن، هن چيو ته پاڻ کي رليوينٽ رکڻ جو آخري پلان به ناڪام ٿي چڪو آهي. هاڻ کين سياست ڇڏڻ جو پلان جوڙڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *