عمران خان هن ڀيري خط جي پويان لڪڻ جي ڪوشش پيو ڪري: آصف زرداري

ڪراچي (م.د) پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان هن ڀيري هڪ خط جي پويان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ان خط بابت نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جا ميمبر اهو چئي چڪا آهن ته ان ۾ ٻاهرين سازش جون ڪي شاهديون ناهن مليون. هن چيو ته عمران خان هر ڏينهن سيڪيورٽي ڪائونسل جي عسڪري ميمبرن بابت چوندو آهي ته اهي منهنجي طرفان مطمئن ٿي ويا هئا، تنهن ڪري جيڪي اسٽيبلشمينٽ طرفان سيڪيورٽي جا عسڪري ميمبر هئا، اهي ان جي وضاحت ڪن ۽ پنهنجي پوزيشن واضح ڪن. سندس چوڻ هو ته هاڻ اهو معاملو عمران خان يا گڏيل اپوزيشن جو ناهي، هاڻ اهو معاملو پاڪستان جو آهي، تنهن ڪري اهڙي قسم جي حساس نوعيت جي معاملن ۾ دير به ملڪ لاءِ نقصانڪار ٿيندي آهي. آصف علي زرداري چيو ته اهو معاملو هاڻ بي اعتمادي جو به نه رهيو آهي، اهو معاملو هاڻ ملڪي سلامتي جو آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *