جڏهن اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو ته اپوزيشن سپريم ڪورٽ ۾ڇا ڪري رهي آهي: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته جڏهن اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو ته اپوزيشن سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهي آهي اپوزيشن اين آر او ٽو گهري رهي آهي جيستائين ملڪ لاءِ سوچيندڙ پارليامينٽ ۾نه ايندا ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي هن ڀيري اسان سار سنڀال ڪري نظرياتي ماڻهن کي ٽڪيٽ ڏينداسين ميمبر خريد ڪري حڪومت ٺاهڻ جمهوريت جي نفي آهي اپوزيشن تي ڪرپشن ڪيس آهن سومر تي عوام جي سوالن جا سڌي طرح جواب ڏيندي وزيراعطم عمران خان چيو ته اڄڪلهه جيڪا پاڪستان جي صورتحال آهي ان ڏس ۾ سوچيو آهي ته مان اوهان جي سامهون اچي اوهان جي سوالن جا جواب ڏيان هن چيو ته مان ۽ منهنجي ٽيم اسيمبلي ٽوڙِيندي اليڪشن ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۽ ان لاءِ ڪيو ويو ته ساڍن ٽن سالن کان اپوزيشن چئي رهي هئي ته حڪومت نااهل آهي هي عوام ۾ ويندا ته عوام کين آنا هڻندو وزيراعظم چيو ته مان ته چونڊن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته هاڻي هي سپريم ڪورٽ ڇو وڃي رهيا آهن اهو ئي اوهان چوندا هئا ته هي حڪومت نااهل ۽ سليڪٽڊ آهي هاڻي اسان اليڪشن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته اوهان سپريم ڪورٽ ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو هن چيو ته هي چاهين ٿا ته حڪومت بحال ٿئي عوام جي فيصلي سان واپس اچڻ بهتر آهي يا ٻاهرين سازش جو حصو بڻجي پارليمينٽرين جا ضمير خريد ڪري حڪومت بنڻ بهتر آهي عمران خان چيو تهمان اوهان کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته هي ايئن ڇو چاهين ٿا ان جي سڀ کان وڏي ڪوشش اين آر او وٺڻ آهي ڇو ته مٿن ڪرپشن ڪيس آهن ۽ هي ضمانت تي آهن ۽ ٻاهر ڀڳل آهن ۽ سڀني جي ڪوشش اها آهي ته اقتدار ۾ اينداسين پنهنجي مٿان ڪيس ختم ڪنداسين ۽ اين آر او ٽو وٺنداسين هن چيو ته پهريون اين آر او مشرف ڏنو هو انهن جا سمورا ڪيس تڏهن معاف ٿي ويا هئا ۽ هاڻي 10 سالن ۾ نوان ڪيس بڻيا آهن تعجب جي ڳالهه اها آهي ته 90 سيڪرو کان وڌيڪ ڪيس انهن جي دور جا بڻيل آهن ۽ هاڻي هي چاهين ٿا ته نيب کي مڪمل طور ختم ڪيو وڃي انهن جا ڪيس معاف ڪيا وڃن ۽ هي ٻيهر ملڪ جو پئسو ٻاهر موڪلڻ شروع ڪن وزيراعظم چيو ته هي چاهين ٿا ته اين آر او به ملي وڃي پنهنجا امپائر به بيهاري ڇڏيون، اليڪشن ڪميشن ۾ به پنهنجا ماڻهو شامل ڪري ڇڏيون هن چيو ته سڄي ڄمار انهن فڪس مئچز کيڏيون آهن انهن جي ڪوشش آهي ته اليڪشن ڪميشن بيورو ڪريسي ۽ سمورو عملو تيار ڪري ٻيهر هي اليڪشن وڙهون مينڊيٽ چوري ٿيڻ بابت وزيراعطم جو چوڻ هو ته هاڻِ پهريان اسان کي تجربو نه هو هاڻي اسان کين سڃاڻون ٿا اسانکي هن اليڪشن۾ وڏو تجربو ٿيو آهي اسان سوچي سمجهي ٽڪيٽ ڏيون هن چيو ته جيستائين پارليامينٽ ۾ اهڙي قسم جاماڻهو نه اچن ۽ ملڪ جو نه سوچين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *