عمران خان قرض وٺي چوري ڪري رهيو آهي، جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏيڻ قوم سان غداري آهي : مريم اورنگزيب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) مسلم ليگ ن ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏيڻ قوم سان غداري آهي. نواز شريف جي ضمانت واري درخواست رد ٿيڻ تي رد عمل ۾ مريم اورنگزيب چيو ته قانوني مشوري کانپوءِ فيصلو ڪيو ويندو. هن چيو ته قوم سان غداري اها آهي ته مشرف ۽ پ پ جي ماڻهن کي ڪابينا ۾ شامل ڪري چور چور ۽ ڦورو جا نعرا لڳائي رهيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڇا اسان عدالتن کان اين آر او وٺي رهيا آهيون؟  حڪومت ٻڌائي ته ڪنهن کان اين آر او وٺي رهيا آهيون. مريم اورنگزيب چيو ته  قوم سان غداري آهي ته 16 ارب قرض وٺي عمران خان چوري ڪري رهيو آهي، جڏهن ته قوم سان غداري اها به آهي ته جهانگير ترين ۽ عليما باجي کي اين آر او ڏنو ويو آهي.  هن چيو ته پئٽروليم وزارت ۾ جيڪو ڌاڙو هنيو ويو حڪومت ان جو جواب ڏي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *