صحافت هاڻي معاشري جو چوٿون نه بلڪه پهريون ٿنڀ بڻجي چڪو آهي: مراد علي شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪي يو جي پروگرام ورلڊ پريس فريڊم ڊي کي خطاب ڪندي چيو ته صحافت هاڻي معاشري جو چوٿون نه بلڪه پهريون ٿنڀ بڻجي چڪو آهي، جڏهن سڀئي آوازون بند ٿي وڃن ٿيون ته صحافين جي جدوجهد شروع ٿيندي آهي. وڏي وزير صحافت ڏهاري جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مستحڪم جمهوريت ۾ آزاد صحافت جو اهم ڪردار رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ آزاد صحافت جو متحرڪ هئڻ لازمي آهي، اسين صحافت جي آزادي تي يقين رکون ٿا. هن چيو ته آمريت خلاف صحافي برادري هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ پاڻي پيپلز پارٽي جي حڪومت صحافت جي آزادي کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *