عزير بلوچ جو پ پ سان ڪو واسطو ناهي، ڊاڪٽر عاصم لاءِ وڙهندو رهندس:آصف زرداري

ڪراچي (م.ڊ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته هو ملڪ ڇڏي ناهي ڀڳو پر آمريڪا علاج لاءِ پهتل آهي. هڪ انٽرويو ۾ آصف علي زرداري چيو ته عزير بلوچ جي گرفتاري جا وارنٽ پ پ سان نه ڳنڍيا وڃن. سندس چوڻ هو ته عزير بلوچ جو پيپلز پارٽي سان ڪو واسطو ناهي، پيپلز پارٽي جو خراب نه پر سٺو وقت هلي رهيو آهي. آصف زرداري جو چوڻ هو ته سندس آمريڪا ۾ دفن ٿيڻ جو ڪو به ارادو ناهي، هو ڏيهه واپس ضرور موٽندو. اڳوڻي صدر چيو ته پيپلز پارٽي ختم ٿيڻ جون ڳالهيون اڳ به ٿينديون رهيون آهن، کين اهڙين ڳالهين جي ڪابه پرواهه ناهي. اينٽ سي اينٽ سان سر وڄائڻ جي بيان کي غلط انداز ۾ پيش ڪيو ويو، پ پ کي هميشه غلط طور تي پيش ڪيو ويو آهي، ۽ ذوالفقار علي ڀٽو تي اڄ ڏنهن تائين تنقيد ڪئي ويندي آهي، هن چيو ته ڪنهن سان به جهيڙو ناهي، پر سسٽم سان گڏ هلڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته اينٽ سي اينٽ اپوزيشن جي وڄائي سگهون ٿا. جيڪي پوليٽيڪل فورسز اسان سان وڙهن ٿيون پر اسان جمهوريت کي بچائڻ چاهيون ٿا. ڊاڪٽر عاصم منهنجي انتهائي ويجهن دوستن مان هڪ آهي جنهن جي لاءِ هميشه وڙهندو رهندس جڏهن ڊاڪٽر عاصم لنڊن ۾ هيو ۽ مان دبئي ۾ هيس ته ڊاڪٽر عاصم واپس ويو ته ان کي گرفتار ڪيو ويو، مون کي تمام گهڻيون بيماريون آهن جن جو علاج ڪرائڻ لاءِ وقت ئي نه مليو ۽ جڏهن ٻاهرين ملڪ آيس ته مخالفن ۽ دوستن ان جو فائدو کڻي ورتو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *