سنڌ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي جاچ نيب حوالي،آئي جي جو عهدي تي رهڻ مناسب ناهي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جو معاملو جاچ لاءِ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو، نيب کي 4 هفتن ۾ جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ويو آهي ته آءِ جي سنڌ تي سخت الزام آهن،سندس عهدي تي رهڻ مناسب ناهي، سپريم ڪورٽ سنڌ پوليس جي جاچ فنڊن ۾ ٿيل ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جي ڪيس جو تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ، 16 صحفن تي ٻڌل لکت واري فيصلي مطابق سپريم ڪورٽ پوليس ۾ ڪرپشن ۽ غير قانوني ڀرتين جو معاملو جاچ لاءِ نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، عدالت آءِ جي سنڌ جي نظرثاني جون 2 درخواستون رد ڪري ڇڏيون آهن، عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته ڪرپشن  ۽ ڀرتين بابت رڪارڊ کي محفوظ رکيو وڃي ۽ ان رڪارڊ تائين رڳو نيب اختيارين کي ئي پهچ ملڻ گهرجي، فيصلي ۾ سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته جاچ ۾ وڏي پيماني تي ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ان جو ذميوار آءِ جي سنڌ ۽ ٻيا آفيسر آهن، تنهنڪري آءِ جي سنڌ ۽ ٻين ملوث آفيسرن جو عهدن تي برقرار رهڻ نامناسب آهي، ڇو ته  جاچ ڪاميٽي آءِ جي سنڌ ۽ ٻين آفيسرن خلاف ڪارروائي جي سفارش ڪئي آهي، عدالت  پنهنجي فيصلي ۾ حيرت جو اظهار ڪيو آهي ته آءِ جي سنڌ جاچ جي رپورٽ نه ملڻ تي ڪاميٽي جي ميمبرن کي ڊيڄاريو ۽ ڌمڪايو، جنهن رپورٽ کي سپريم ڪورٽ رد ڪيو، آءِ جي سنڌ ان کي بنياد بڻائي جاچ ڪاميٽي جي ميمبرن خلاف ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي، عدالت اسٽيبلشمنٽ واري وفاقي سيڪريٽري ۽ چيف سيڪريٽري کي هدايت ڪئي آهي ته جاچ ڪاميٽي جي رپورٽ تي آءِ جي سنڌ غلام حيدر جمالي ۽ ٻين آفيسرن خلاف قانون مطابق ڪارروائي ڪري، سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته جاچ ڪندڙ ڊي آءِ جيز بابت اي سي آر رپورٽ آءِ جي سنڌ نه پر چيف سيڪريٽري لکي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *