عدالت حددخليون هٽائڻ جو حڪم ڏنو، وڏو وزير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو: سنڌ ھاءِ ڪورٽ

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي وڪيل کي ڇنڊ پٽي ڇڏي سنڌ هاءِ ڪورٽ سرجاني ٽائون ۾ غيرقانوني قبضن بابت درخواست تي ايس بي سي اي جي وڪيل تي ڪاوڙ ڪندي ٻيهر غير زميواراڻو بيان ڏيڻ کان احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي سومر تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل بئنچ سرجاني ٽائون ۾ غيرقانوني قبضن جي ڪيس بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي ايس بي سي اي جي وڪيل موقف ڏنو ته قبضا نٿا ڪيرائي سگهون سنڌ جي وڏي وزير ڪچي آبادي ڪيرائڻ کان روڪيو آهي عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڇا سنڌ جو وڏو وزير قانون کان مٿانهون آهي. حد دخليون ۽ قبضا ڪيرائڻ جو حڪم سنڌ هاءِ ڪورٽ ڏنو وڏو وزير ڪيئن انڪار ڪري سگهي ٿو اسان سنڌ جي وڏي وزير کي گهرائي وٺون ٿا اسسٽنٽ ايڊووڪيٽ جنرل موقف ڏنو ته ايس بي سي اي وڪيل جو بيان حقيقتن جي ابتڙ آهي، سموريون حددخليون ۽ قبضا ڪيرائي درخواست گذار کي قبضو ڏنو ويو درخواست گذار راجا جاويد جي وڪيل به قبضو ملڻ جي تصديق ڪري ڇڏي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿاٽي جي وڪيل جي غير ذميواراڻي بيان تي عدالت ڪاوڙجي وئي عدالت ٻيهر غير ذميواراڻو بيان ڏيڻ کان احتياط ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *