پ پ جو نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي سخت مخالفت جو اعلان

ڪراچي (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان نيب جي چيئرمين جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي سخت مخالفت ڪنداسين. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽيوٽر تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي نيب جي چيئرمين جي نوڪري جي مدي ۾ عيرقانوني واڌ جي سخت مخالفت ڪندي، قانون ۾ مقرر مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي، تنهنڪري تاريخ جي تڪراري چيئرمين جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش منظور نه آهي هن چيو ته نوڪري جي مدي ۾ واڌ جي ڪوشش اسان جي ان بيانئي کي درست ثابت ڪندي ته نيب غير جانبدار اداري بدران عمران خان حڪومت جو هٿيار آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *