عدالتي حڪم تي پرويز مشرف جو طبي معائنو، ميڊيڪل بورڊ پاران ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جو طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو آهي طبي ماهرن طرفان اڳوڻي صدر جو ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو آهي پرويز مشرف جي سرڪاري ميڊيڪل بورڊ ۾ به تبديلي ڪئي وئي آهي بلوچستان جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت اڪبر بگٽي قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي طبي معائني جو حڪم ڏنو هو جنهن تحت ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي صدر جو طبي معائنو ڪيو  طبي ماهرن طرفان اڳوڻي صدر جو ايم آر آءِ ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ويو ان کان علاوه پرويز مشرف جي سرڪاري ميڊيڪل بورڊ ۾ پروفيسر انيس ڀٽي جي جاءِ تي ڊاڪٽر امتياز هاشمي کي شامل ڪيو يوو جيڪو اڳوڻي صدر آصف زرداري جو طبي معاون به رهي چڪو آهي ڊاڪٽر امتياز هاشمي نجي اسپتال ۾ ڪم ڪندو آهي ۽ نيورو اسپائنل ڪورڊ جو سرجن آهي جڏهن ته ذريعن جو چوڻ آهي ته قائدن تحت سرڪاري ميڊيڪل بورڊ جو سربراهه ڪنهن جي اسپتال جو ڊاڪٽر نه ٿو بڻجي سگهي ان کان اڳ به پرويز مشرف جي معائني لاءِ ٻه ڀيرا ميڊيڪل بورڊ جوڙيو ويو هو جڏهن ته اهو بورڊ جي سامهون پيش نه ٿيو هو.

 

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *