ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف ۾ معاملا طئي ٿي ويا، پي ٽي آءِ کي جلسي جي به اجازت

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ متحده قومي مومينٽ وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا، تحريڪ انصاف کي جناح گرائونڊ ۾ جلسو ڪرڻ جي اجازت به ملي وئي گورنر هائوس سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم ۽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جو اجلاس ٿيو جنهن دوپران عشرت العباد ٻنهي تنظيمن ۾ ٺاهه ڪرائڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ٻنهي تنظيمن وچ ۾ معاملا طئه ٿي ويا آهن، اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان عمران اسماعيل، عارف علوي، فردوس شميم شامل هئا ۽ ايم ڪيو ايم طرفان خالد مقبول صديقي ۽ ڪنور جميل اجلاس ۾ شريڪ ٿيا ٻنهي تنظيمن ۾ ٺاهه جي عمل کي اثرائتو بڻائڻ لاءِ ڪراچي پوليس جي اعليٰ اختيارين ۽ ڪمشنر ڪراچي به شرڪت ڪئي اجلاس ختم ٿيڻ تي ٻنهي تنظيمن ميڊيا سان گڏيل ڳالهه ٻولهه ئي ان موقعي تي گورنر سنڌ چيو ته الطاف حسين واقعي جا تفصيل ورتا ۽ ڏک جو اظهار ڪيو ۽ الطاف حسين تحريڪ انصاف کي ڀليڪار چيو ته هو آچن ۽ جلسو ڪن پر شهداءَ جي يادگار جو احترام ڪيو وڃي جنهن کانپوءِ تحريڪ انصاف جي اڳواڻ عمران اسماعيل جو چوڻ هو ته الطاف حسين جي بيان کي ڀليڪار چئون ٿا ۽ الطاف حسين جي قدمن کي ساراهيون ٿا ۽ تحريڪ انصاف طرفان هو عشرت العباد جو شڪريو ادا ڪن ٿا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *