عدالتي انتقامي ڪارروائي پئي ٿئي، ووٽ کي عزت ملي ته ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو: نواز شريف

واشنگٽن /اسلام آباد (اين اين آءِ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف صاف لفظن ۾ چيو آهي ته ووٽ کي عزت ڏيو جي موقف تي ڪا به سوديبازي نه ڪنداسين، ووٽ کي عزت ملي ته ملڪ ٺيڪ ٿي ويندو، اڄ مون سان اهي ماڻهو گڏ آهن جيڪي ڏکئي وقت ۾ گڏ هئا، جيڪي پارٽي ڇڏي ويا اهي ماڻهو اسان مان هئا ئي ڪون، اليڪشن کان اڳ فصلي ٻٽير پارٽيون تبديل ڪندا رهن ٿا، عوام جي ڏنل مينڊينٽ تي پهريان به عمل ڪيو ۽ هاڻ ڪنداسين ۽ مستقبل ۾ به ڪنداسين، عوام جي مفاد ۾ هميشه ڪم ڪيو، ڪڏهن به خوف ناهي کاڌو، زال جي عيادت لاءِ لنڊن ويس، پاڪستان واپس اچڻ کانپوءِ ابتيون سبتيون ڳالهيون ڪندڙن جا وات بند ٿي ويا، رمضان شريف ۾ سحري ۽ افتاري اسان جي اليڪشن مهم هوندي، مان شهباز شريف ۽ مريم نواز گڏجي رابطا مهم هلائينداسين، سڀ پارٽي اڳواڻ پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ پارٽي مهم هلائين، غير يقيني صورتحال سبب اسٽاڪ ايڪسچينج 54 هزار رپين کان 37 هزارن جي سطح تي اچي وئي، اسان تي 22 ڪروڙ عوام جي مستقبل جو قرض آهي، سڄي دنيا کي دهشتگردي جي خلاف اسان جون قربانيون تسليم ڪرڻيون پونديون، خميس تي نواز شريف راولپنڊي ڊويزن جي اڳواڻن کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي والد جي اثاثن جي ڇنڊ ڇاڻ ٿي رهي آهي، پهريان اسان مٿان الزام مڙهيو ويو، هن چيو ته جيڪي اربين رپيا کائي ويهي رهيا اهي تسلي سان ويٺا آهن ۽ انهن کان ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، هن چيو ته نيب ۾ سمورا ڪيس ڪرپشن بابت هوندا آهن، اڄ تائين نيب ۾ مون وانگر ڪو به ڪيس نه آيو آهي، هن چيو ته نيب ۾ جيترا به ڪيس هلي رهيا آهن انهن ۾ ڪرپشن، ڪڪ بيڪس شامل هوندي آهي، هن چيو ته اي او بي آءِ، اين ايل سي ڪرپشن ڪيس آهن، نيب جي جاچ جاري آهي، نواز شريف چيو ته منهنجو ڪيس نه ئي اختيارن جو ناجائز استعمال جو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ڪرپشن تي ٻڌل آهي، هن چيو ته ڀٽي دور ۾ سموريون فيڪٽريون تحويل ۾ ورتيون ويون، فيڪٽرين کي نيشنلائيز ڪيو ويو پر بدلي ۾ هڪ رپيو نه ڏنو ويو، نواز شريف چيو ته وزيراعظم طور منهنجي سمورن دورن ۾ ڪرپشن جو ڪو به الزام نه آهي، اڊيالا جيل ۽ اٽڪ قلعي ۾ جيل جون سختيون برداشت ڪيون، هن چيو ته هتي روايت پئجي وئي آهي ته ڪنهن ڦاهي ڏيو، ڪنهن کي ٽنگي ڇڏيو، ڪنهن کي وطن مان نيڪالي ڏئي ڇڏيو ڪنهن کي جيل ۾ بند ڪريو، اهو سڀ ڪجهه سياستدانن خلاف ٿيندو رهيو، چونڊيل وزيراعظم جي خلاف ٿيندو رهيو، ان جو سبب سڀني کي معلوم آهي، اهو سلسلو گذريل 70 سالن کان جاري آهي، ذاتي ڳالهه نه آهي، ذاتي مفاد جو به بلڪل تعلق نه آهي، تعلق سڌو سنئون پاڪستان سان آهي، هن چيو ته عوام 3 ڀيرا وزيراعظم چونڊيو جيڪو مون تي اعتماد آهي، هميشه ٻين ادارن جو احترام ڪريو، عدليا جي بحالي لاءِ لانگ مارچ ڪيو، نواز شريف چيو ته عوام جي فائدي ۾ سدائين بيٺا رهياسين، ڪڏهن به خوف نه کاڌو، هن چيو ته پاڪستان جو عوام به الحمد الله حق ۽ سچ سان بيٺو آهي، هن چيو ته مان به انسان آهيان، غلطيون ۽ گناهه ٿيندا آهن، اهو ماڻهو ناهي جنهن کان غلطي نه ٿي هجي، مان ڪو سپر هيومن بينگ نه آهيان، ملڪ ۽ قوم سان محبت آهي. پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ اڳوڻي وزيراعظم نوازشريف چيو آهي ته ان جي خلاف عدالتي انتقامي ڪارروائي ڪئي پئي وڇي جيڪڏهن مون کي سزا ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي ته پوءِ مون وٽ ٻيو ڪوبه رستو نٿو بچي مون کي يقين آهي ته حڪومتون ڪرائڻ ۽ چونڊيل وزيراعظم کي هٽائڻ جو سلسلو پاڪستان ۾ هاڻي ختم ٿيندو آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل ۾ ڇپيل انٽرويو ۾ نوازشريف چيو ته ان جي خلاف عدالتي انتقامي ڪئي پئي وڃي ان جي جنگ ملڪ ۾ جمهوريت ۽ ڏاڍ وچ ۾ جنگ اهي هن چيو ته هو بهادري سان هن جنگ کي پنهنجي وطن ۾ وڙهندو ۽ کيس يقين آهي ته هن جنگ ۾ قانون جي بالادستي ۽ آئين جي فتح حاصل ٿيندي نوازشريف چيو ته منهنجي خلاف ڪيس بي بنياد ۽ ڪمزور اهي جيڪڏهن مون کي سزا ڏيڻ جو پڪو پهه ڪيو ويو آهي ته مون وٽ ٻيو ڪوبه هاڻي رستو ناهي بچيو جڏهن ته مون کي يقين آهي ته حڪومتون ڪيرائيڻ ۽ چونڊيل وزراعظمن کي هٽائڻ جو سلسلو پاڪستان ۾ هاڻي ختم ٿيندو نوازشريف چيو ته کيس ۽ مسلم ليگ (ن) کي برابري مقابلي جي ماحول کان محروم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته کيس يقين آهي ته عوام ايئن ٿيڻ نه ڏيندو آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جنرل ۾ هي ڇپيل گيلپ سروي مطابق مقبوليت ۾ مسلم ليگ (ن) سمورين جماعتن کان اڳتي آهي آمريڪي اخبار ۾ گيلپ سروي شايع ٿيو جنهن مطابق مسلم ليگ (ن) هاڻي به پاڪستان ۾ موجود سمورين سياسي پارٽين کان وڌيڪ مقبول آهي ۽ ان جي بتري واضح آهي مارچ 2018 جي گيلپ سروي مطابق مسلم ليگ (ن) عوام ۾ 36 سيڪڙو، پي ٽي آءِ 24 سيڪڙو ۽ پيپلزپارٽي 17 سيڪڙو مقبول اهي ان لحاظ کان پاڪستان ۾ (ن) ليگ سڀ کان وڌيڪ مقبول آهي ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف کان 12 سيڪڙو وڌيڪ مقبول آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *